”باجوا واڌ کانپوءِ شريفن سان سودو ڪيو، نگران وڏي وزير لاءِ زرداري جو فرنٽ مين قبول ناهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملازمت جي مدي ۾ واڌ کانپوءِ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا شريفن سان سودو ڪيو.

نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ڪراچي ۾ چونڊون ته ٿيون ئي نه، ڪراچي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ شعور وارا آهن، اهي پ پ کي ڪيئن ٿا چونڊي سگهن؟

هن چيو ته چونڊن ۾ پوليس، انتظاميا سڀ ڌانڌلي ۾ ملوث آهن، ڪراچي ته هاڻ کنڊر بڻجي ويو آهي، صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ظلم ۽ ڪرپشن عروج تي آهي، مان ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ويندس.

سندس چوڻ هو ته اهڙيون چونڊون ڪرائڻ کان بهتر آهي ته نه ڪرايو، اليڪشن ڪميشن کي نيوٽرل ٿيڻ گهرجي، انهن اسان جي خلاف به 7 کان 8 ڀيرا غلط فيصلا ڏنا.

عمران خان وڌيڪ چيو ته خبر هئي مون تي حملو ٿي سگهي ٿو، حملي کانپوءِ ايف آءِ آر تائين نه ڪٽرائي سگهيس، هتي انصاف صفا ختم ٿي ويو آهي، جيستائين نظام ٺيڪ نه ٿيندو معيشت ٺيڪ نه ٿيندي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجي نئين آرمي چيف سان ملاقات ناهي ٿي پر اڳوڻي آرمي چيف واڌ کانپوءِ شريفن سان سودو ڪيو ۽ ان کانپوءِ حڪومت سڀني ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو.

پنجاب جي نگران وڏي وزير تي ڳالهائيندي هن چيو ته نگران وڏي وزير لاءِ آصف زرداري جي فرنٽ مين جو نالو ڏنو ويو، اسان ڪڏهن به اهڙو وڏو وزير قبول نه ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.