ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽرانس جينڊر جي حقن لاءِ سرگرم ٻن سماجي ڪارڪنن کي ڪراچي ايئرپورٽ تي انهن جي ”ايڪس“ جنس سبب هڪ پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام تي سوار ٿيڻ کان روڪيو ويو.
شهزادي راءِ ۽ سندس دوست زهرش کي هڪ سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نجي ايئر لائن ”فلاءِ دبئي“ ذريعي گڏيل عرب امارتن رستي کٽمنڊو وڃڻو هو پر روانگي کان اڳ ايئر لائن سندن ٽڪيٽون رد ڪري ڇڏيون.
واقعي تي ردعمل ڏيندي شهزادي راءِ چيو ته ٽرانس جينڊر ٻين ملڪن ۾ سماج جي مرڪزي ڌاري جو حصو آهن پر ايڪس جينڊر ڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي فلاءِ دبئي سفر جي اجازت نٿي ڏئي، جنهن سان تعصباڻو رويو ظاهر ٿئي ٿو.
وڊيو پيغام ۾ هن ايئر لائن طرفان جاري ڪيل ٽڪيٽ ڏيکاريندي سوال ڪيو ته جيڪڏهن سفر جي اجازت نه هئي ته پوءِ ٽڪيٽ ڇو ڏني وئي؟
ان واقعي تي ٻين ٽرانس جينڊر سماجي ڪارڪنن به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
Today @ShahzadiRai was barred from boarding @flydubai flight KHI-DXB-KTM, UAE still lives in the stone age & they don’t recognize our Hijra Communities (Gender X on passport). This is Hijraphobia & we urge @ForeignOfficePk to look into this matter asap @UAE_karachi @uaeembassyisb
— Hina Baloch (@surkhina) January 20, 2023
هوڏانهن ان معاملي تي بحث هيٺ ايئر لائن فلاءِ دبئي اڃا تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو.