آمريڪي سائفر جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل چيمبر اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سائفر ذريعي مبينا سازش تحت عمران خان جي حڪومت هٽائڻ جي جاچ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ داخل چيمبر اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.

چيمبر اپيلن جي ٻڌڻي جسٽس سردار طارق مسعود 24 جنوري تي ڪندو.

درخواستون مبينا عالمي سازش ذريعي عمران خان جي حڪومت کي هٽائڻ جي جاچ لاءِ داخل ڪيون ويون هيون پر سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار درخواستن تي مختلف اعتراض لاڳو ڪندي انهن کي واپس ڪري ڇڏيو هو.

درخواستگزارن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي اعتراض خلاف اپيلون داخل ڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.