صبا قمر نئين ڊرامي جي جهلڪ ڏيکاري ڇڏي

 

پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا صبا قمر سوشل ميڊيا تي مداحن سان پنهنجي ايندڙ نئين ڊرامي سيريل ”سرِ راهه“ جو هڪ ٽيزر شيئر ڪيو آهي.

صبا قمر انسٽاگرام تي ڊرامي جو ٽيزر پوسٽ ڪيو ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته ”هي آهي اهو وڏو اعلان، جنهن جو اسان سڀني کي انتظار هو“.

ڪهاڻي ڏانهن اشارو ڪندي اداڪارا چيو ته اهو ڊرامو ڪيترن ئي طوفاني رُخن سان ڀرپور آهي.

ان ڊرامي سيريل کي عديل رزاق لکيو آهي ۽ هدايتڪار احمد ڀٽي آهي.

ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ صبا قمر سان گڏ منيب بٽ، حريم فاروق، سنيتا مارشل، صبور علي ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.