آمريڪا تي قرضن جو بار وڌي ويو، مُلڪ کي ڏيوالي جو خطرو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا تي قرضن جو بار پنهنجي آخري حد ڇُهڻ لڳو آهي، جنهن کانپوءِ مُلڪ جي ڏيوالي جو خطرو وڌي ويو آهي.

آمريڪي صدر جو بائيڊن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جو قرضن جي بنياد تي ڏيوالو ٿيو ته اِها مُلڪي مالياتي تاريخ ۾ بدترين تباهي هوندي.

هن چيو ته ڪانگريس جي اسپيڪر ڪيون مِڪ ڪارٿي سان ان مسئلي تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته جيئن قرض وٺڻ واري حد وڌائي سگهجي.

آمريڪي حڪومت قرض وٺڻ جي آخري حد 31.4 ٽريلين کي پهريان ئي ڇُهي چڪي آهي ۽ حڪومت وڌيڪ قرض وٺڻ لاءِ ڪانگريس کي راضي ڪرڻُ پوندو.

آمريڪي ناڻي واري سيڪريٽري جينيٽ يلن جو چوڻ آهي ته ڪانگريس کي هڪ حل تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بابت سنجيدا ٿيڻو پوندو ٻي صورت آمريڪا جو جون جي شروعات ۾ ڏيوالي نڪري ويندو.

ڪانگريس طرفان قائم ڪيو قرض جي حد اُها وڌ کان وڌ رقم آهي جيڪا وفاقي سرڪار پنهنجي مالياتي ذميوارين لاءِ وٺي سگهي ٿي.

آمريڪا۾ وفاقي حڪومت لاءِ مالياتي ذميوارين جي پورائي لاءِ قرض جي حد هن وقت 31.4 کرب ڊالر آهي جنهن ۾ ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ هنيئر تائين سئو کان وڌيڪ ڀيرا ترميم ٿي چڪي آهي.

قرض جي آخري حد کي ڇُهڻ جو مطلب اِهو آهي ته آمريڪي حڪومت تيستائين قرض طور وڌيڪ رقم نٿي وٺي سگهي جيستائين ڪانگريس قرض حاصل ڪرڻ واري حد يعني حد کي وڌائڻ تي راضي نه ٿي وڃي جڏهن ته ڪانگريس ۾ اڳ ئي ڇڪتاڻ واريون حالتون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.