ڪراچي جي ڪمشنر شهر ۾ اٽي جا نوان اگهه مقرر ڪري ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪمشنر شهر ۾ اٽي جا نوان اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، عام اٽي جي قيمت 98 رپيا ۽ چڪي جي اٽي جي قيمت 105 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.

ڪمشنر طرفان طئي ڪيل اگهن موجب شهر ۾ ايڪس فلور مل 95 رپيا ۽ ريٽيل ۾ اٽي جي قيمت 98 رپيا في ڪلو ٿي وئي.

ڪراچي جي ڪمشنر موجب چڪي جي اٽي جي ريٽيل قيمت 105 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته شهر ۾ چڪي جو اٽو 130 کان 140 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.