احتساب عدالتن مان ڪيسن جي واپسيءَ کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ عدالت جو اهم فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالتن مان واپس ٿيندڙ ريفرنسز جو مستقبل ڇا ٿيندو، ان سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت عاليا جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر، آدم امين چوڌري ڪيس ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته ڪنهن جوابدار خلاف ريفرنس واپس ٿي وڃڻ جو مطلب ڪيس مان ان جي بريت ناهي، نيب ڪورٽس مان ريفرنس رڳو ٻين عدالتن کي منتقل ٿي سگهن ٿا.

نيب قانونن ۾ ترميمن کانپوءِ احتساب عدالتن مان ڪيسن جي واپسي بابت اهم فيصلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ريفرنس رڳو نيب کي واپس ڪرڻ جو قانون ۾ تصور موجود ناهي.

عدالت حڪم ڏنو ته نيب ڪيسن کي ٻين عدالتن ۾ منتقل ڪرڻ بابت احتساب عدالتن جي هر ممڪن مدد ڪري.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب نيون حقيقتون سامهون اچڻ تي ضمني ريفرنس به احتساب عدالت جي اجازت سان داخل ڪري سگهي ٿو، اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جا جاري ٿيندڙ حڪم به هاڻ نيون لاڳاپيل عدالتون ئي ختم ڪري سگهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.