هيلري ڪلنٽن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ سبب ٽرمپ تي لکين ڊالر ڏنڊ

فلوريڊا ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي عدالت اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس وڪيل تي اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ خاتون اول هيلري ڪلنٽن خلاف غيرسنجيدا ڪيس ڪرڻ تي ڏهه لک ڊالر جو ڏنڊ مڙهي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب فلوريڊا جي مقامي عدالت جي جج ڊونلڊ ايم بروڪس پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پنهنجي سياسي ايجنڊا جي پورائي لاءِ عدالتن جو ناجائز استعمال ڪرڻ تي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ڏنڊ هنيو ويو آهي.

ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ هيلري ڪلنٽن خلاف 2016ع جي صدارتي چونڊن دوران ڌانڌلي جي دعويٰ ڪرڻ تي گذريل سال مارچ ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.

هيلري ڪلنٽن خلاف ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪيس وفاقي عدالت گذريل سال سپٽمبر ۾ خارج ڪري ڇڏيو هو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.