چارسدا ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو، ٻه اهلڪار شهيد

 

چارسدا (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي چارسدا ۾ ڍيري زرداد پوليس چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر چارسدا موجب پوليس چوڪي تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾  3 اهلڪار زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊي پي او ٻڌايو ته زخمين مان ٻن پوليس اهلڪارن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ علاج هيٺ آهي.

واضح رهي ته ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ تازن دهشتگرد واقعن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ۽ زخمي  ٿيا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ وڏي انگ ۾ دهشتگرد به مارجي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.