”اِهو ڪم ملي پئي ته پاڪستاني ٽيم کي بلندين تي پهچائي ڇڏيندس“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو جادوگر اسپنر سعيد اجمل به ٽيم جي ڪوچنگ جي خواهشمندن جي فهرست شامل ٿي ويو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ سعيد اجمل چيو ته اسلام آباد يونائيٽڊ سان ڪم ڪري تمام گهڻو تجربو حاصل ڪري چڪو آهيان.

هن چيو ته جيڪڏهن قومي ٽيم سان گڏ بالنگ ڪوچ طور ڪم ڪرڻ جوموقعو مليو ته ان شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪندس.

اڳوڻي اسپنر چيو ته پرڏيهي ڪوچز کي جيترو معاوضو ڏنو ويندو آهي ان کان گهٽ پئسا به پاڪستاني ڪوچز کي ملن ته هو ٽيم کي بلندين تي پهچائي سگهن ٿا.

سعيد اجمل چيو ته ملڪ ۾ ڪوالٽي اسپنرن جو نه هجڻ کي ڳڻتي جوڳي صورتحال قرار ڏيندي چيو ته ماضي ۾ اسپين بالنگ جي شعبي پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هاڻي اهڙو ڪجهه نظر نه پيو اچي.

هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي ڏسي ڏاڍي مايوسي ٿي، جيستائين سٺا اسپنرز نه هوندا، تيستائين اميدن پٽاندڙ نتيجو نه ملندو، اسان وٽ جيڪي اسپنرز آهن انهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.