يوڪرين کي روس جي قبضي مان آزاد ڪرائڻ وارو معاملو، آمريڪا وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل مارڪ ملي چيو آهي ته اِهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته هلندڙ سال ئي روسي فورسز کي يوڪريني علائقن مان نيڪالي ڏني ويندي.

جنرل مارڪ ملي جرمني ۾ آمريڪا جي رامسٽين ايئربيس ۾ ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته يوڪرين لاءِ اِهو انتهائي ڏکيو مرحلو هوندو ته هو هلندڙ سال ئي پنهنجي زمين جو هڪ، هڪ انچ روسي قبضي مان آزاد ڪرائي وٺي.

فوٹو: فائل

جرمني ۾ يوڪرين جي دفاعي امداد لاءِ ڪوٺايل اجلاس ۾ شريڪ پنجاهه مُلڪن جا دفاعي عملدار يوڪرين کي جنگي صلاحيتن سان ليس ليپرڊ-2 ٽئنڪ ڏيڻ جي حوالي سان ٿيل بحث ۾ ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سهگيا پر يوڪرين جي دفاعي امداد جاري رکڻ تي اتفاق ڪيوويو.

ٻئي پاسي سينيئر آمريڪي اختيارين طرفان يوڪرين کي آمريڪي هٿيارن جي سپلاءَ ۽ فوجي تربيت مڪمل ٿيڻ  کان اڳ روس خلاف ڪنهن به جارحاڻي قدم کان روڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.