عملدرآمد رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي وفاقي گهرو سيڪريٽري جي پگهار روڪڻ جو حڪم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل انساني سمگلر جي اشتهاري هجڻ تي نالو بليڪ لسٽ ڪرڻ جي حڪم تي عملدرآمد رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي وفاقي گهرو سيڪريٽري جي پگهار روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسپيشل ڪورٽ سينٽرل جي جج بخت فخر بهزاد جوابدار عثمان اڪرم خلاف ايف آءِ اي طرفان انساني سمگلنگ قلمن تحت ڪيس داخل ڪرڻ جي ٻڌڻي ڪئي.

جوابدار کي پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏنو ويو هو، عدالت جوابدار جو نالو بليڪ لسٽ ۾ وجهي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري طرفان رپورٽ نه اچڻ تي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيو.

عدالت عملدرآمد رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تائين پگهار روڪڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي 18 فيبروري تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.

جج فيصلي ۾ لکيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري ٻڌائي ته ڇو حڪم تي عملدرآمد رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.