اسڪول ۾ شاگردياڻي تي تشدد، واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڊفينس جي نجي اسڪول ۾ شاگردياڻي جي تشدد جي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

ڊفينس جي نجي اسڪول ۾ نشي کان روڪڻ تي هڪ شاگردياڻي کي ساٿي شاگردياڻين تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي منظر تي آئي آهي.

هاڻ واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر لاهور جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ ڪميٽي کي ٽن ڏينهن ۾ مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش جي هدايت ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن لاهور جي مقامي عدالت شاگردياڻي تي تشدد ڪندڙ ٽن شاگردياڻين جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.