اولاد جي خواهشمند ساهرن نُنهن کي انساني هڏين مان تيار ٿيل پائوڊر کارائي ڇڏيو!

اولاد جي خواهشمند ساهرن پاران نُنهن کي انساني هڏين مان ٺهيل پائوڊر کائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اِهو واهو ڀارت جي شهر پونا ۾ پيش آيو جتي هڪ همراهه کي ڪارو علم ڪرڻ واري عامل ٻار جي پيدائش لاءِ زال کي انساني هڏن مان تيار ڪيل پائوڊر کارائڻ جي صلاح ڏني.

ميڊيا رپورٽس موجب متاثر عورت کي مبينا طور تي سندس مڙس ۽ ساهرن ڪاري علم جي هڪ رسم تحت انساني هڏين جو پائوڊر کائڻ تي مجبور ڪيو.

پوليس موجب متاثر عورت جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مڙس، ساهرن ۽ عامل سميت ست ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ پوليس تفصيل ٻڌائيندي چيو  متاثر عورت جي ساهرن طرفان کيس گهر ۾ ٿيندڙ ڪاري علم جي سرگرمين ۾ ملوث ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ۽ ڪجهه ٻين رسمن ۾ عورت کي زوري اڻڄاتل شمشان گهاٽ وٺي ويا ۽ کيس مئل انسان جي هڏين جو پائوڊر کائڻ جو چيو ويو .

پوليس موجب ان دوران عامل متاثرن عورتن جي ساهرن کي فون تي هدايتون ڏئي رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.