سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مير امين الحسنات تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
پير امين الحسنات شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ عامر ڪياني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته امين الحسنات سان پراڻو روحاني رشتو آهي، سندس تحريڪ انصاف ۾ شموليت سان پارٽي سرگوڌا ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
فواد چوڌري چيو ته امين الحسنات ۽ سندس خاندان سرگوڌا، راولپنڊي ڊويزن، سڄي ملڪ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۾ وڏو اثر رکي ٿو، ن ليگ اڳواڻ جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت انتهائي اهم آهي.