ڪُتي کي نالي سان نه سڏڻ تان مالڪ پاڙيسري کي قتل ڪري ڇڏيو

ڀارت ۾ ڪتي کي نالي سان نه سڏڻ تان مالڪ آپي مان نڪري ويو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پاڙيسري کي قتل ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو تامل ناڊو رياست ۾ پيش آيو جتي هڪ همراهه پنهنجي پالتو جانور جو نالو نه وٺڻ بدران ڪتو چوڻ تان 62 ورهين جي پاڙيسري کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

پوليس موجب نرملا ۽ سندس پٽ ڊينيئل پنهنجن مائٽن ۽ پاڙيسرين کي پالتو ڪتي کي ڪتو چوڻ کان ڪيئي ڀيرا منع ڪيو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول پاڙيسري پنهنجي پوٽي کي فارم تي هلندڙ پمپ بند ڪرڻ لاءِ چيو ۽ گڏوگڏ پٽ کي چيو ته ڪتي جي موجودگي کي نظر ۾ رکندي پاڻ سان گڏ هڪ لٺ به کنيو وڃي.

مقتول جا اِهي لفظ ويجهو بيٺل ڊينيئل ٻڌي ورتا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي کيس سيني ۾ مُڪ وهائي ڪڍي جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب واقعي کانپوءِ نرملا ۽ سندس پٽ فرار ٿي ويا هئا پر پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار سميت ان ڪٽنب کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.