خبردار! واٽس ايپ جو اهم ترين فيچر استعمال ڪرڻ کان اڳ هي نقصان به ڄاڻي وٺو

واٽس ايپ آئي ڏينهن پنهنجن واهپيدارن لاءِ نت نوان فيچر متعارف ڪرائيندو رهندو آهي، جنهنڪري ايپ جي واهپيدارن جي انگ ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن واڌ پڻ ٿيندي رهي ٿي.

ميسجنگ ايپ واٽس ايپ هاڻ تصويرن لاءِ زبردست فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ذريعي واهپيدارن کين ايپليڪيشن جي استعمال ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي پر ان فيچر جو هڪ نقصان پڻ آهي.

واٽس ايپ بيٽا انفو جي تازي رپورٽ موجب ايپ جلد هڪ دلچسپ فيچر متعارف ڪرائڻ واري آهي جنهن تحت واهپيدار چيٽ ۾ ” اوريجنل ڪوالٽي “ جون تصويرون موڪلڻ جي سهولت حاصل هوندي.

رپورٽ ۾ واٽس ايپ جي ان اَپ ڊيٽ کي هلندڙ سال جي سڀ کان وڏي اَپ ڊيٽس مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جديد دور  جي اِها اهم گهرج آهي ته جيڪي تصويرون موڪليو يا موصول ڪيون وڃن ٿيون انهن جو معيار اعليٰ درجي هئڻ گهرجي.

واٽس ايپ بيٽا طرفان جاري ڪيل اسڪرين شاٽ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته تصوير جي معيار جو آئيڪن ڊرائنگ ۽ ٻين ٽولز سان گڏ اسڪرين جي مٿانهين حصي ۾ هوندو.

فوٹو: اسکرین شاٹ

ان جو مطلب اِهو آهي ته جيڪڏهن ڪير چيٽس ذريعي اصل ڪوالٽي ۾ تصويرون اُماڻن چاهي ته کيس معيار جي چونڊ ڪرڻي پوندي ته هو ڪهڙي ڪوالٽي ۾ تصويرون سينڊ ڪرڻ چاهي ٿو.

مٿي ڄاڻايل فيچر جو واهپيدارن کي فائدو ته ٿيندو پر گڏوگڏ هڪ نقصان به آهي.

رپورٽ موجب جيڪڏهن اصل ڪوالٽي ۾ تصوير موڪلي ويندي ته واهپيدار جي تمام گهڻي ڊيٽا استعمال ٿيندي، جنهن لاءِ ممڪن آهي ته کين معياري تصويرن لاءِ موبائيل ڊيٽا بدران واءِ فاءِ ڏانهن واجهائڻو پوندو.

فلحال، اوهان کي ايپ ۾ فوٽو ڪوالٽي جا ٽي آپشن ملندا، جنهن ۾ آٽوميٽڪ، بهترين ڪوالٽي ۽ ڊيٽا سيور شامل آهي پر بهترين معيار ايڏو اثرائتو نه آهي جيڪو ايپ تي اعليٰ ريزوليشن واريون تصويرون پيش نٿو ڪري.

واٽس ايپ بيٽا موجب اِهو فيچر سمورن واهپيدارن واهپيدارن لاءِ جلد پيش ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.