ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ کي سندس گرل فرينڊ جي سرعام ڪُٽڪو ڏيڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
ڪينگروز ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سندس گرل فرينڊ جيڊ رابرو کيس مارڪٽ ڪندي نظر اچي رهي آهي.
وڊيو ۾ اِهو پڻ ڏسي سگهجي ٿو مائڪيل ڪلارڪ بنا شرٽ جي هڪ پارڪ ۾ موجود آهي، جتي ٻيا ماڻهو به اِهو سمورو لڪاءُ ڏسي رهيا آهن.
وڊيو ۾ مائيڪل ڪلارڪ ڏاڍي تڪليف ۾ آهي ۽ منڊڪائي رهيو آهي جڏهن سندس گرل فرينڊ ڪاوڙ ۾ دانهون ڪندي سندس منهن تي چماٽون وهائي رهي آهي.
وڊيو ۾ جيڊ يارو چئي رهي آهي ته اڳوڻي ڪينگروز ڪپتان کيس ڌوکو ڏنو ۽ هُن ساڻس بيوفائي ڪئي آهي،
ٻئي پاسي مائيڪل ڪلارڪ کيس سمجهائيندي نظر اچي رهيو آهي.
Clarke stefanovic video | michael clarke video twitter,karl stefanovic michael clarke video#karlstefanovic #michaelclarkehttps://t.co/r01SGy7lH0 pic.twitter.com/02mq4Limim
— Shaushlya Sahu (@shaushlya) January 19, 2023
هوڏانهن وڊيو وائرل ٿيڻ باوجود آسٽريلوي پوليس هنيئر تائين ڪنهن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته مائيڪل ڪلاڪ جي قيادت آسٽريليا 2015ع ۾ جو ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيو جنهن بعد هُن عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، رٽائرمينٽ بعد هو مختلف ايونٽن ڪرڪيٽ ڪامينٽيٽر يا تجزيه نگار طور شرڪت ڪندو رهيو آهي.