پنجاب جي نگران وڏي وزير وارو معاملو، چيف اليڪشن ڪمشنر حرڪت ۾ اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب جي نگران وڏي وزير جي نالن جي پروفائل جي ڇنڊڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، سڀاڻي خاص اجلاس بعد نگران وڏي وزير جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.

ذريعن موجب نگران وڏي وزير لاءِ چار نالا اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليا ويا آهن جنهن تي اختيارين ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ان کان اڳ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرريءَ تي پارلياماني ڪميٽي جي ناڪامي کانپوءِ اِهو معاملو اليڪشن ڪميشن پهچي چڪو هو.

 ذريعن موجب آرٽيڪل 224 اي تحت نگران وڏي وزير جي مقرريءَ هاڻي اليڪشن ڪميشن ڪندو.

پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرريءَ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن پاران تجويز ڪيل 2-2  نالا اليڪشن ڪميشن وٽ پهچي ويا، پي ٽي آءِ ۽ قاف ليگ پاران احمد نواز سکيرا ۽ نويد اڪرم چيما جا نالا ڏنا ويا جڏهن ته مخالف ڌر طرفان سيد محسن رضا نقوي ۽ احمد چيما کي نامزد ڪيو ويو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وڏي وزير جي مقررءَ لاءِ اهم اجلاس سڀاڻي شام ساڍي ڇهين وڳي ڪميشن جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ سڏائي ورتو آهي.

اجلاس ۾ نگران وڏي وزير جي نالي جي منظوري ڏني ويندي، اليڪشن ڪميشن نالو فائنل ڪري گورنر ڏانهن موڪليندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.