ايف آءِ اي وزيراعظم جي پٽ سليمان شهباز کي بي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز کي مني لانڊرنگ ڪيس بي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو.

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سليمان شهباز جي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واري درخواست تي اسپيشل جج سينٽرل ٻڌڻي ڪئي، سليمان شهباز عبوري ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيو.

لاهور جي اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پاران سليمان شهباز ۽ شريڪ جوابدار طاهر نقوي بابت عبوري چالان پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ۽ ڪڪ بيڪس جون شاهديون نه مليون، جنهن تي پڇاڻو ڪيو ته چالان سان گڏ لف رڪارڊ ڪٿي آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته چالان کي باظابطا اٿارٽي کان منظوري بعد پيش ڪري ڇڏينداسين.

سليمان شهباز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي چالان ۾ سليمان شهباز کي بي ڏوهه قرار ڏنو ويو  آهي، سليمان شهباز ۽ طاهر نقوي  ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ چاهين ٿا.

عدالت ايف آءِ اي کي لاڳاپيل اٿارٽي جي منظوري بعد ضمني چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي 4 فيبروري تائين  ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.