سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جي خوفناڪ صورتحال، حڪومت ڪٿي آهي؟

سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ ٻين سماجي براين سان گڏ بدامني بھ چوٽ چڙھيل آھي،جنھن جو جيڪڏھن ٿورو بھ غور سان جائزو ورتو وڃي تھ اھڙي پکڙيل بدامني جي واقعن سان ھڪ خوف طاري ٿي وڃي ٿو.

سنڌ ۾ ٿيندڙ چورين، ڦرن، ڌاڙن، قتل ۽ تشدد جا روز ٻن درجن کان وڌيڪ واقعا رڳو ميڊيا جي زينت بڻجن ٿا، جي انھن جي درجا بندي ڪجي تھ ويجھڙائي ۾ ڦرن،چورين ۽ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ جي صورت ۾ قتل جي وارداتن جو انگ وڌيو آھي،جنھن جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا پر اھو سڀ ھڪ حڪومت جي سوچڻ ۽ انھن تي غور ڪرڻ توڻي انھن کي روڪڻ جو ڪم آھي.

آڳاٽي دور ۾ جيڪي بھ حڪمران عوام کان ٽيڪس ۽ محصول وصول ڪندا ھئا، اھي عام ماڻھون جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ممڪن حد تائين ڪوشش ڪندا ھئا. ھاڻوڪن حڪمرانن تي بھ اھو ان ڪري فرض آھي جو اھي عام ماڻھون کان ھن وقت تھ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس وصول ڪري رھيا آھن،جنھن جي موٽ ۾ وري عام ماڻھون کي ڪنھن بھ طرح جي تحفظ نھ ملڻ جي ڪري ماڻھن ۾ ھڪ بي چيني پکڙجي وئي آھي.

ھڪ بھترين ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪندڙ حڪومت جيڪڏھن ھنن مسئلن کي اوليت ڏئي ۽ انھن کي پنھنجي ترجيحن جو حصو بڻائي تھ ان سان ڪافي ڪجھھ ٿي سگھي ٿو، پر اھا بدقسمتي آھي جو ھر سرڪار جيان موجودھ سرڪار پڻ ھنن بنيادي مسئلن کي ڪا گھڻي اھميت ڏيڻ جا لاءِ تيار نھ آھي.

ھر رياست جي لاءِ جيڪي لازمي امر ھوندا آھن انھن ۾ عام ماڻھون جي لاءِ قانون جوڙڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻ بھ ضروري ھوندو آھي، اھو تھ برابر آھي تھ اسان وٽ ھر قسم جو بھترين قانون جوڙيل آھي، جيڪو وري قانون جي ڪتابن ۾ محفوظ آھي، جيڪي ڪتاب وري ڪٻٽن ۾ پيل آھن، جنھن ڪري ئي چيو ويندو آھي تھ جڏھن قانون حرڪت ۾ ايندو تڏھن ئي ان جو ڪو جوڳو نتيجو نڪري سگھي ٿو.

سماج کي منظم رکڻ جي لاءِ دنيا ان تي ڪيترن ئي حوالن سان اڀياس ڪرائي ماڻھن جي مسئلن جي حل جا ڪيترائي ئي نوان طريقا پڻ ڳوليا آھن پر اسان وٽ انھن اھم مسئلن تي ڪنھن بھ ڪڏھن بھ غور نھ ڪيو آھي.جنھن ڪري سمورو سماج تاحال ساڳين سورن ۾ ورتل آھي،جنھن جو علاج ڪرڻ جي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ حڪمران ڌر تيار نھ آھي.

ھڪ وچٿري سماج ۾ جتي اسان جاگيرداري،نيم قبائلي ۽ نيم سرمائيدار سماجي اسٽرڪچر جو حصو آھيون، اتي حڪمران ڌر ۾ گھڻو ڪري ھر علائقي جي اشرافيھ شامل آھي جن کي عام ماڻھون جي مسئلن سان ڪا گھڻي دلچسپي نھ آھي.

امن امان کي برقرار رکڻ جي لاءِ سول سائيڊ تي پوليس جو ھڪ سسٽم آھي جيڪو بھ انگريزن جي وقت ۾ منظم ڪيو ويو ھو،جنھن ۾ خود سڌارن جي تمام گھڻي گنجائش موجود آھي، پر ٻين شعبن جيان ان کي بھتر ڪرڻ جي ايجنڊا پڻ حڪمرانن جي اوليتن ۾ شامل نھ آھي.

پوليس جو جيڪو ڪم آھي سو اھو ادارو ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي، جيڪو ڪم ھنن جو ناھي اھو ڪن ٿا،جيڪڏھن اڄ بھ ڪو ماڻھون ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ ڪنھن ٿاڻي تي وڃي ٿو تھ اھو سولائي سان داخل نٿو ٿئي، اھا ڪا اھڙي اچرج واري ڳالھھ نھ ھئڻ گھرجي،اھو ھڪ عرصي کان ٿيندو پيو اچي، ھر ٿاڻي جي حد ۾ ٿيندڙ ڏوھ جي لاءِ جيڪڏھن متعلق ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي واقعي ذميوار قرار ڏئي ڪري اھڙي ڪا بھ ڪارروائي ڪئي وڃي تھ ان جو تڪڙو نتيجو نڪري ايندو.

ڇا ڪو اھو چئي سگھي ٿو تھ جنھن ٿاڻي جي حد ۾ چوريون،ڦرون ۽ ٻيون بدامني جو وارداتون ٿي رھيون آھن انھن جي ڏوھارين بابت ٿاڻو بي خبر آھي،اھو ممڪن ئي نھ آھي،ھتي تھ ٿاڻن جي نيلام ٿيڻ جون بھ ڳالھيون ٿينديون رھن ٿيون، پر ان تي ڪنھن بھ پوليس چيف عملدار ڪا ڪاوڙ ۾ اچي ڪري راوجي ڪارروائي ڪئي ھجي تھ ڀلي باقي ان سان سماج ۾ ھڪ ڦيرو اچي وڃي اھڙي ڪا حڪمت عملي نٿي جوڙي وڃي.

ھر ٿاڻي ۾ ھڪ جاسوسي جو نيٽ ورڪ بھ ھوندو آھي،جنھن سان ٿاڻي کي سموري معلومات ملي ويندي آھي تھ ان جي ايريا ۾ ڇا ڪجھھ ٿي رھيو آھي،اھڙن ڏوھن تي پردو رکڻ جي لاءِ بھ پوليس کي رشوت ملندي رھي ٿي، ان ڪري ئي تھ اھي ڏوھھ نٿا رڪجن.

وري جيڪڏھن ڪنھن ذميوار شھري ھئڻ جو ثبوت ڏيندي ڏوھارين جي خلاف ڪو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ ان جي بھ پوليس مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ ھوندي آھي، نتيجي ۾ ڪو بھ شريف ماڻھون اھڙي جھنجھٽ ۾ پوڻ کان پاڻ بچائي ٿو، اھو ئي سبب آھي جو ڏوھاري پيشھ ماڻھن جو حوصلو وڌندو رھي ٿو، اتفاق سان ڪو ماڻھون ٿوري گھڻي قانون جي ڄاڻ جي بنياد تي ڪو اھڙو ڪيس عدالتن تائين پھچايو تھ اتي بھ ڪو انصاف ايترو سستو ناھي،ھڪ تھ وقت گھڻو زيان ٿئي ٿو ٻيو تھ ان جي لاءِ گھڻي رقم گھربل ھوندي آھي.

جيڪڏھن پوليس توڻي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوھارين جي پاڙ پٽڻ ۽ ڏوھن جي خاتمي کي پنھنجو مقصد بڻائن تھ اھو سڀ ڪجھه ممڪن آھي،پر ان جي ابتڙ جڏھن بھ ميڊيا ۾ ان تي ڪا سنجيدھ گفتگو ڪبي يا وري ڪو بحث ڪبو تھ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري پوليس پنھنجا انگ اکر پيش ڪري پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندي، اھو درست آھي تھ پوليس ڪارروائي بھ ڪري ٿي پر اصل مسئلو ھي آھي تھ آخر سموري سنڌ ۾ ھي روز ٿيندڙ ڦرون،چوريون،قتل ۽ ٻيا ڏوھ ڪيئن رڪجندا؟

اسان سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ھن طرف ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچڻ ۽ ان جي ڪنھن نتيجي ڀرئي حل ڳولڻ جي لاءِ گذار ش ڪندي چوڻ چاھيون ٿا تھ سنڌ ۾ پلجندڙ اھڙن ڏوھن جي انت جي لاءِ مڪمل ڌيان سان ڪا اھڙي حڪمت عملي جوڙي وڃي جنھن سان سموري سماج ۾ وڌندڙ بدامني کي ٻنجو اچي سگھي.اھو اوھان جو فرض آھي،ان ذميواري سان ئي اوھان انھن عھدن تي موجود آھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.