ڪنھن نئين ”بندوبست “ جو وڌندڙ انتظار

نصرت جاويد

جنرل ضيا جي لڳايل مارشل لاءِ  پورا 8 سال نفسياتي جنگ جا سمورا طريقا استعمال ڪندي، اسان ”ذلتن جي ماريلن“ کي رياستي بيانيي بابت سوال اٿارڻ کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو،جنھن بعد 1985 ۾ ”غيرجماعتي“ بنيادن تي چونڊون ٿيون. جنھن جي مھرباني سان ”جمھوري بندوبست“ جو ڏٽو ڏئي ڪري  سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جهڙا ادارا. ”بحال ڪيا ويا پر انھن جي بحالي کان اڳ، جنرل صاحب سڌو سنئون قوم کي خطاب ڪيو. ان دوران هن واضح لفظن ۾ سمجھائڻ  جي ڪوشش ڪئي ته هو عوام جي چونڊيل نمائندن کي اقتدار ”منتقل“ نه ڪري رهيو آهي. اسيمبلين ۾ پهتل ماڻھون  ”عوامي مسئلا“ حل ڪرڻ واري عمل ۾ ”مان ۽ منهنجا ساٿي“ جا فقط ”حصيدار“ هوندا.ٻن  ٽڪن جو جوان رپورٽر ان جملي جي اهميت نه سمجهي سگهيو.

جڏهن نئين چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي حلف برداري واري تقريب ۾ پروفيشنل ذميواريءَ ڪري شرڪت ڪئي، تڏهن پهريون ڀيرو ڪنهن چونڊيل اسيمبليءَ جي ميمبر بڻيل اڪثريتي نوجوانن سان تعارف ۽ گفتگو ڪندي محسوس ڪيو ته هو  پنھنجي ”خودمختياري“ ڏيکارڻ جي لاءِ  بي چين آھن.اسپيڪر جي چونڊ انھن کي ان خواهش جي ڀرپور اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏنو.

چونڊيل پارليامينٽ جي بحاليءَ کان اڳ، جنرل صاحب ڪيترن ئي سالن پنھنجي نامزدڪيل ”مجلس شوريٰ“ ذريعي ”مشاورت“ جو ماحول پيدا ڪيو هيو، جنهن ۾ خواجه آصف جو والد مرحوم صفدر ان اداري  جو چيئرمين هو، جنرل صاحب جو حڪم هو ته کيس نئين چونڊيل اسيمبليءَ جو اسپيڪر به چونڊيو وڃي.”خودمختياري“ جي لاءِ  تڙپندڙ  اسيمبليءَ جا نوجوان ميمبرن ان جي مقابلي ۾ وري سيد فخر امام کي سامھون بيھاري ڇڏيو، آخرڪار، ھن جي فتح مون کي ان

شڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو تھ ”گيم“ جنرل ضيا جي گرفت مان نڪرڻ شروع ٿي وئي آھي. بعد ۾ جنرل صاحب جي نامزد ڪيل وزير اعظم محمد خان جوڻيجو پڻ حيران ڪندڙ پيش قدمن سان ذڪر ڪيل شڪ کي حقيقت جي صورت ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.”خودمختياري“ جي فضا پر ٽي سال ئي قائم رھي سگھي.

مئي 1988 ۾ جنرل ضياء جي پنھنجي ئي ٺاهيل بندوبست کي”نااھل ۽ بدعنوان“ قرار ڏئي ڪري سليٽ تي چاڪ سان لکيل اکرن کي ڊاھي ڇڏيو. ذڪر ڪيل بندوبست مان جنات بعد ھن وطن عزيز ۾   ”حقيقي اسلام“ نافذ ڪرڻ ٿي چاهيو پر آگسٽ 1988ع جي فضائي حادثي کيس ان جي مهلت نه ڏني.

واپس ”ساڳي اسٽيشن“ تي اچي ڪري پراڻو بندوبست بحال ڪرڻو پيو. نيون چونڊون ٿيون. محترمه بينظير ڀٽو”مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم“ جي حيثيت سان چونڊڻ جو سبب بڻي. ”اختيار“ پر کيس بھ نصيب نھ ٿيا،ھن جي نگراني جي لاءِ  نوڪر شاھي مان اڀريل غلام اسحاق خان کي ايوان صدر پھچايو ويو، آئيني طور تي هو بھ  جنرل ضياءُ الحق جيترو طاقتور هو. فوجي وردي پائڻ کان سواءِ به چونڊيل اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو حق حاصل هو. ان حق کي بي رحميءَ سان استعمال ڪندي محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي پهرين حڪومتن کي برطرف ڪيو.

جڏهن نواز شريف جي پهرين حڪومت برطرف ڪئي وئي ته هن ”آئون ڊڪٽيشن نه وٺندس“ جو عھد ڪندو،عوامي حمايت جي ڳولا ۾ سرگرم ٿي ويو. ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس نسيم حسن شاهه کيس آئيني ۽ قانوني مدد فراهم ڪئي. غلام اسحاق خان پاران ٽوڙيل قومي اسيمبلي بحال ڪئي وئي. تنهن هوندي به نواز شريف پنهنجو ”آئيني مدو“ پورو نه ڪري سگهيو.”ڪاڪڙ  فارمولو“ کي استعمال ڪرڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر وزير اعظم جي عهدي تي اچي وئي. ان کان پوءِ جيڪو ٿيو سا تازي تاريخ آهي. ان کي ورجائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هڪ ڊگهي تعارف کان پوءِ، مان مک ڳالھھ ڏانهن وڌڻ کي ترجيح ڏيندس.

 

گذريل 30 سالن جي دوران حڪومتي بندوبست جي حوالي سان جيڪو  تماشو نظر مان گذريو آھي،ان مان حاصل ڪيل ڪجھھ سبق هاڻي منهنجي جبلت جو حصو بڻجي ويا آهن. مون جيڪو ڪجهه سکيو ان ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مون ۽ توهان جھڙن ٻين عام پاڪستانين جو حڪومتي تبديلين ۾ تر جيترو بھ  حصو به نه آهي، روايتي ۽ سوشل ميڊيا ۾ ”ذهني ساز“تصور ڪيا ويندڙ عوام ۾ مقبول ترين  صحافي بھ ان ڏس ۾ موثر ڪردار ادا نٿا ڪن.

ماڻھن جي ذھنن ۾ اڳ کان ئي موجود خواھشن ۽ تعصب کي ئي ”دليري“ سان بيان ڪندي ”اسٽار” بڻجي ويندا آھن،رياست جي دائمي ادارن جي راءِ تي سڀني کان وڌيڪ اثر منھنجي راءِ ۾ مختلف ڌنڌن جا ھڪ ھٽي قائم ڪندڙ سيٺ  ھوندا آهن. سياسي زائچا تيار ڪندي انھن جي  ”ايندڙ ويندڙ“ تي نظر رکڻ لازمي آهي.

گذريل ڪجهه مهينن کان ھڪ ھٽي وارن سيٺن جو مخصوص گروھ اسلام آباد جي طاقتور تصور ٿيندڙ ڊارئنگ رومز ۾ شھبازشريف جي قائم ٿيل حڪومت مان بيزاري جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو  آھي. ڏيوالي ڏيوالي جي پٽڻي تي اصل حقيقت انھن جي سس پس ۾ ڪيل گفتگو مان چٽي ٿي رھي آھي.  هاڻي انهن پنهنجي خيالن جو اظهار کليل نموني ڪرڻ شروع ڪيو آهي. گورنر اسٽيٽ بئنڪ سان سندن تازي جيڪا ملاقات ٿي آھي،جنھن جا تفصيل اخبارن ۾ اچي چڪا آهن.

منھنجي توهان کي گذارش آھي تھ  وقت ڪڊي ڪري  ان تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي. توهان سمجهي ويندا ته اهي ھڪ ھٽي قائم ڪندڙ سيٺ حڪومت تي دٻاءُ وڌائي رھيا آھن تھ اھا آءِ ايم ايف کي وڌيڪ ،اڙي نھ ڏيکاري،پاڪستاني رپيي جي ملھھ کي مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي، بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ ڪري عالمي معيشت جي نگران اداري کي مطمئن ڪيو وڃي. جيڪڏهن هو مطمئن ٿي ويو تھ اسان سان  2019 ۾  ڪيل بندوبست بحال ڪندو. اسان جي ”امداد“ لاءِ  روڪيل رقم جاري ٿي ويندي. اها رقم جاري ٿيڻ بعد ٻيا عالمي مالياتي ادارا به مهربان ٿيندا، ”برادر ملڪ“ به پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جا پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ لاءِ  ٺوس قدم کڻندي نظر ايندا.

جيڪو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، شهباز حڪومت ان جو ڪو موثر حل ڳولڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي رهي آهي. عمران حڪومت کي هٽائڻ کان پوءِ اقتدار سنڀاليندڙ ۽ ان سان چنبڙيل رھڻ جي ضد ، مسلم ليگ ن جو ووٽ بينڪ اڳ ئي تباھھ ڪري ڇڏيو آھي.

ان ھوندي حڪومت کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ”مني بجيٽ“ آڻي ۽ ان ذريعي وڌيڪ محصولات جي حصول کي يقيني بڻائي. بجلي ۽ گيس جا اگهه وڌائڻ به لازمي قرار ڏنو پيو وڃي، مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ”مني بجيٽ“ شهباز حڪومت موجوده قومي اسيمبليءَ مان ڪيئن پاس ڪرائي سگهندي؟ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ عمران خان اهو ”تقريباً يقيني“ ڪري ڇڏيو آهي ته انهن ٻنهي صوبن ۾ چونڊ عمل اپريل ۾ مڪمل ٿئي. مهانگائي جي هڪ ٻي ٻوڏ کي يقيني بڻائڻ واري ”مني بجيٽ“ تي آڱوٺي هڻڻ کانپوءِ حڪومتي سيٽن تي ويٺل قومي اسيمبليءَ جا ميمبر پنهنجي پارٽين جي نامزد ڪيل صوبائي اسيمبلين جي اميدوارن کان ڪھڙي منھن سان ووٽ گهرڻ لاءِ  ويندا؟

”مني بجيٽ“ کان بچڻ پڻ هاڻي ممڪن ناهي. شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومتي انتظام جي هٿن مان ”گيم“ يقيني طور تي  سلپ  ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. ان ڪري مان سنجيدگيءَ سان ڪنھن نئين ”بندوبست“ جو منتظر آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.