…… ۽ جڏهن واپاري روئي ويٺو!

نذير سومرو

اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ملڪ جي معاشي حب يعني ڪراچي شهر ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي هڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿيو. اتي فرمايائين ته امپورٽ جو وڏو دٻاءُ آهي ملڪ ۾ ڊالر ناڪافي آهن هن وقت پنج هزار ست سو ڪنٽينر پورٽ تي بيٺا آهن انهن کي رليز ڪرائڻ يعني پيسا ڏيئي مال لهرائڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. ان پروگرام ۾ هڪ مل مالڪ گورنر صاحب کي روئيندي چيو ته منهنجي مل ۾ سوين ملازم هئا جن کي گهٽائي ساڍا ٽي سو تي بيهاريو آهي پر اڃان هڪ سو ملازم ڪڍڻ جو سوچيان پيو، اوهان ٻڌايو ته اسان ڪهڙي صورتحال منجهان گذري رهيا آهيون اها حالت رڳو منهنجي ڪونهي اوهان سڀني کان پڇو ته اوهان کي ان کان به ڀيانڪ ڳالهيون ٻڌائيندا. هڪ ٻئي مل مالڪ گورنر صاحب کي پنهنجي مل جون چاٻيون ڏيندي چيو ته هن صورتحال ۾ اسان کان مل ڪونه هلندي، اوهان هلايو. اهي لفظ جيڪي بئنڪ جي گورنر ڳالهايا ۽ واپارين پاران چيا ويا ڪافي آهن ملڪ جي معاشي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ .

ملڪ جي اسٽاڪ مارڪيٽ جيڪا ملڪي معيشت جو آئينو هوندي آهي اها ڪريش يعني تباه ٿي چڪي آهي. ان کان خطرناڪ صورتحال اها ته اتي ڪو سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ  تيار ڪونهي.

ملڪ ۾ مني بجيٽ آڻي چار سو ارب روپيا عوام مان چوسي آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ جون تياريون آهن يعني تباه حال عوام کي وڌيڪ تباه ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. آءِ ايم ايف مالي سال تائين هڪ ارب ڏه ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ملتوي ڪئي آهي.

سعودي عرب جيڪو پاڪستان جو سڀ کان ويجهو دوست سمجهو ويندو آهي ان پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جو اشارو ڏيندي فرمايو آهي ته دوست ملڪن جي امداد يا ان لاءِ  ڊپازٽ رکڻ واري پاليسيءَ  کي ان ملڪ ۾ سڌارا آڻڻ سان ڳنڍيو ويندو ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن پاڪستان کي امداد کپي ته ان کي مالي سڌارا آڻڻا پوندا. آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف کان پوءِ  سعودي عرب به ملڪ ۾ سڌارا آڻڻ جون ڳالهيون پيو ڪري (چين به چپن ۾ ساڳيون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي) ٻين لفظن ۾ ”پنهنجا پير سنڀاريو، پنهنجا افعال سڌاريو“ باقي متحده عرب امارات بچيو آهي اهو ڏينهن پري ڪونهي ته اهو به ساڳيا جملا ڳالهائيندو. هتي هڪ سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته اهي سڀ آخر اهڙيون ڳالهيون پيا ڪن ته ڇو؟ اچو ٿوري نظر ملڪ ۾ گردش ڪندڙ ٻين خبرن تي وجهي ان سوال جو جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريون.

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ صحافي کي ڪنهن سگهاري اداري جي رٽائرڊ سربراه جي ملڪيتن جا تفصيل ٻڌائڻ تي ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيو ويو. ان کان پنهنجي موبائيل ۽ ليپ ٽاپ جو پاسورڊ پڇڻ لاءِ  زور ڀريو ويو پر هن نه ٻڌايو. چون ٿا ته اهي تفصيل ايترا ڀيانڪ آهن جنهن مان خبر پوي ٿي ته سائين جن ڪيتري ڪرپشن کان پوءِ  ايتري ملڪيت ٺاهي هوندي! هاڻي ته ملڪ ۾ شايد ئي ڪو ادارو يا وڏو عهدو رکڻ وارو اهڙو ڪونه بچيو آهي جنهن جي ڪا اسٽوري منظرعام تي ڪونه آئي آهي. جيڪڏهن ڪوشش ڪجي ته سڀ ئي ننگا ڪري سگهجن ٿا. سياستدان ته اڳ ئي بدعنواني جي الزام هيٺ رهندا آيا آهن. ملڪ ۾ ٻين کي بي ايمان، چور لٽيرو چئي پاڻ کي ايماندار سچو ثابت ڪندڙ تبديلي پسند عمران خان جون ڪهاڻيون وري سڀني کان وڏيون ٻڌايون پيون وڃن. عمران خان کي اميرالمومنين جهڙا لقب ڏيندڙ هڪ مولانا صاحب جي ڪرپشن جون خبرون به اڄڪلهه سوشل ميڊيا کان اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين جي زينت بڻيل آهن، چون ٿا ان جي اڪائونٽ مان پنج ارب روپيا مليا آهن. سموري ڳالهه جو مطلب ته جيڪڏهن آمريڪا، آءِ ايم ايف هاڻي سعودي عرب پاڻ سڌارڻ جون ڳالهيون پيا ڪن ته ان جو سبب هاڻي اسان کي سمجهڻ گهرجي ته انهن تائين اسان جي هر عهدي تي رهندڙ همراهن جا افعال پهتل آهن.

ٻئي پاسي سرڪار سڳوريءَ  فرمايو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جا وڏا ماڻهو (اسان وٽ وڏو ماڻهو پيسي واري کي چيو ويندو آهي پوءِ  اهو پيسو توڙي جو لٽ ڦر ڪري جمع ڪيو ويو هجي) پنهنجي گهرن ۾ جمع ٿيل ڊالر ٻاهر ڪڍن ته آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. غور سان ڏٺو وڃي ته اهي هو پاڻ آهن. ڇوته حڪمران ٽولو ساڳيو رهندو آيو آهي. ٻين لفظن ۾ هي اعتراف آهي ته ڊالر/روپيا سڀ ملڪ ۾ موجود آهن يعني سرڪار سڃي آهي ته ڇا ٿي پيو سرڪار جي وڏن عهدن تي رهندڙ (اڳوڻا يا موجود) سڀني جي گهرن ۾ وڏيون لوهيون پيتيون ڀريل آهن. ته پوءِ  آمريڪا، آءِ ايم ايف، سعودي ڏانهن واجهائڻ کان سٺو آهي ته سرڪار انهن ماڻهن  جي گريبانن ۾ هٿ وجهي، سرڪار کان ڪير ڏاڍو آهي پر هٿ ان ڪري نه وجهبو ته اهو هٿ پنهنجي ئي گريبان ۾ پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.