افغانستان صورتحال ۽ مجرماڻي خاموشي 

رياض ابڙو 

اسان باءِ ڊفالٽ اهڙا ئي آهيون ۽ باءِ چوائس ڪڏهن به تبديل نه ٿا ٿي سگهون ۽ ائين ئي رهنداسين، اها سي آءِ اي جي ٻه چاپڙائپ ئي ليکيون ته اهي افغان وار ڪري به اسان کي ”ڊفيٽ“ ڪري سگهن پيا، آمريڪا ۾ رهي به اسان کي شڪست ڏين هان ۽ هاڻي نه رهي به ڏئي سگهن ٿا، اها ڳالھه  مڃون ته رڳو سياسي بيانن سان ڪم نه هلندو، ڳالھه  پريڪٽيڪيلٽي جي به آهي، مثال اسان ته اڳي گري لسٽ جا شڪار هياسين ۽ گري لسٽ جا سبب وڏا اهي به آهن ته اسان جو ملڪ ٽيررسٽ فائناسنگ ٿو ڪري، ملڪ ۾ رهندڙ ادارا، شخص، مدرسا، ٻاهريون قوتون جيڪي ڪجھ سعودي مائل آهن ته ڪجھه ايران جي طرف، اهي ته مذهبي امداد ڏيندا رهندا پوءِ مدرسا، تعلميي ادارا جيڪي مذهبي تعليم ڏين ٿا اهي بند ڪيئن ڪندا؟ جهادي تنظيمون جن ۾ مذهبي جذبو ڀريل آهي، جيڪي مسجد ۽ مدرسي کان علاوه ڳالھه  ئي نه ٿا ڪن انهن جي امداد بند ڪيئن ٿيندي.

هاڻي آمريڪا ته چالاڪي ڪئي آهي ڇو ته هنن ڏٺو ته افغانستان ۾ 20 سال رهي به اهي پاڪستان جو بگاڙي نه سگهيا معنيٰ انهن يورپي، آمريڪي، آسٽريلوي ۽ غير مسلم ۽ سيهوني طاقتن جو اهو عزم آهي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ڄمايون، منجمند ڪيون، روڪيون رول بيڪ ڪرايون، ڇو ته انهن جي انٽينشن ۾ اهو به آهي ته جي پاڪستان ايٽمي طاقت پوئتي نه ڪندو ته ايران سان گڏ پاڪستان به يورپي ملڪن جي لاءِ خطري جي گھنٽي هوندو، ڀلا هنن مشرف جي دور ۾ نوازشريف جي جمهوريت کي ڪاپاري ڌڪ ان ڪري به رسايو هو، جنهن ۾ هنن کي پڪ هئي ته آرمي جي ذريعي فوجي امداد ڏئي سگهن ٿا پوءِ آءِ ايم ايف ڀلي فوجي حڪومتن کي امداد نه به ڏئي پر هي فوجي امداد ڏئي، اساما بن لادن کي گهلي پاڪستان ۾ کڻي ايندا، ڇو ته اهو ڪم جمهوري حڪومتن ۾ ممڪن نه هيو، لانگ اسٽريٽجي ۾ اهو ضرور آهي ته ايٽمي طاقتون ائين ئي رول بيڪ نه ٿيون ٿين، ِشروع ۾ آمريڪا جي لاءِ سولو ڪم هيو جو 70 جي ڏهاڪي تائين چين جو نالو نشان نه هيو رڳو آمريڪين کي روس جي طاقت سامهون هئي، هنن ته ايوب جي حڪومت ۾ پاڪستان کان اڏا وٺي روس تي حملا ڪيا، تڏهن چين ۾ ايترو ساھ نه هيو، معني اسان جي پاسي، اسان جي خطي ۾ رڳو روس ئي هيو ۽ آمريڪا جي لاءِ آسان هيو ته اهو رشين ڊس انٽيگريشن ڪري سگهي، پر پوءِ به روس جي طاقت وري بحال ٿي وئي.

وري هاڻي ته ايران، ترڪي، مليشيا، روس ۽ چين هڪ مٺ ٿي پيا آهن ان ڪري پاڪستان جو جي اڏن ڏيڻ کان انڪار کڻي سياسي به هيو ته اهو رڳو ان ڪري به هيو ته هاڻي پاڪستان جي لاءِ ان سڄي گروپ کي ناراض ڪرڻ هنن جي وس جي ڳالھه  ناهي، چين پاڪستان کي پئسا نه ڏنا ته جيئن هي سعوديءَ جو قرض لاهي، روس اسٽيل مل کان وٺي ڇا پاڪستان جي ائين ئي امداد نه پيو ڪري، مليشيا ۽ ترڪي ڇا پاڪستان جي پاسي ناهن، پر ڳالھه  اها به آهي ته افغان وار جو اثر سڌو سنئون پاڪستان تي ٿيڻو آهي، معنيٰ جيڪي به مذهبي گروھ، طالبان جا ٽولا ۽ شدت پسند افغانستان جي سرحدن اندر آهن انهن جي پاڙ پوءِ به پاڪستان ۾ آهي ئي آهي. اهي اسان وٽ ڦهلجي سگھن ٿا، انهن جي ڦهلاءَ جي ڪري اسان جو گري لسٽ ۾ رهڻ وري خطري وارو ٿي پوندو، ڇو ته اسان ته اڳي ئي ٽيررسٽ فائنانسنگ کان جان ناهيون ڇڏائي سگهيا ٻيو ته ٻيا مسئلا جيڪي ڳچي پيا آهن جن ۾ امن امان، اسمگلنگ، مني لانڊرنگ، ڪرپشن، چوري چڪاري، ڌاڙا ڦرون، رشوت خوري ۽ قانون جي پاسداري وغيره، جن مان جي جان ڇڏائي سگهياسين ته گري لسٽ مان به نڪري وينداسين، پر آمريڪا ته اتي به سياڻپ ڪئي آهي جو افغان وار تيز ٿيڻ سان اسان جي امن کي خطرو آهي، اسان وٽ اسمگلنگ، مني لانڊرنگ، لا اينڊ آرڊر جي صورتحال خراب ٿيڻ سان انهن سڀني شين ۾ واڌ اچي سگهي ٿي جن جي ڪري اسان گري لسٽ ۾ آهيون ۽ رهنداسين، پوءِ آمريڪا جي لاءِ سڀاڻي آسان ٿيندو ته هو افغانستان سان گڏ اسان کي به وڪڙ ۾ وٺي. ڇو ته افغان وار جا مسئلا ڇڏائيندي ڇڏائيندي اسان پاڻ افغان وار جا شڪار ٿي وينداسين.

افغان وار جي ڪري سرحدن جي صورتحال خراب ٿيندي ٿي رهي، افعانستان جي بارڊر بند ٿيڻ سان اسان جي حڪومتي ڌرين کي وڏي بيقراري ٿيندي آهي، پوءِ لڪ چپ ۾ هنن ته هزارين غريب افغانين کي اچڻ ڏنو آهي جن جي آڙ ۾ اهي افغاني به ٽپي آيا آهن جن جي نشاندهي ۽ نالن جي لسٽ آمريڪا پاڻ ظاهر ڪندو، آمريڪا ته سڀاڻي پاڪستان تي پريشر وڌائي سگهي ٿو جنهن سان پاڪستان سرڪار وري آمريڪا کان فوجي امداد جي گهر ڪندي، ڇو ته رڳو سکڻ نعرن تي عوام ۾ سرهائِي آڻڻ ڪا وڏي فني خاني ناهي. ڇو ته آمريڪا جي جنگ جي اسٽريٽجي ڊگهي آهي، اها ڳالھه  سمجھڻ لائق آهي ته آمريڪا سوچي سمجھي اتان ٽپڙ ويڙهيا آهن ڇو ته الائيڊ فورسز جا ماڻهو (فوجي) مارائي آمريڪا پاڻ مٿان هروڀرو الزام کنيو، ڇو ته ساڳي ڳالھه  ته هنن جي لاءِ طالبان به ڪري پئي سگهيا، اهي ته واندا ويٺا آهن جن جو ڪم ”پيڊ ورڪرز“ وارو آهي، اها به سائنس سمجھڻ جھڙي آهي ته عام ماڻهوءَ کي جتي کائڻ لاءِ ڳڀو ناهي اتي طالبان ايڏا وڏا ميزائيل کڻي ٿا گهمن، اهو به طالبان جو ڊرامو آهي ته اهي آمريڪا سان نه ڳالهائيندا، ڳالهين ۾ نه ويهندا پر ساڳي ڳالھه  ته هاڻي هنن جي لاءِ طالبان به ڪري سگهن ٿا، ڳالھه  رڳو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي آهي، ڇو ته اهو به طئي آهي طالبان جي ڪاررواين جي ڪري اسان جي ملڪ جي مٿان ڳڙو ڪرندو جنهن ۾ اسان جي لاءِ گري لسٽ مان نڪرڻ پنهنجي جاءِ تي پاڪستان بليڪ لسٽ نه ٿي وڃي، افغان وار جي ڀارتي ڇڪتاڻ به وڌندي رهندي آهي، ڇو ته بارڊر جا ٽينشن نبرندي نبرندي اندرين صورتحال ڏکي ٿي پوندي، هنن ته افغان وار ۾ پهرين به سرحدون لاڪ ڪري ڇڏيون هيون پر پوءِ به افغان وار جا هيرا، اساما بن لادن ۽ سڀ دهشتگرد، شدت پسند سرحدون ڇڏي پاڪستان اُڏي اچي پهتا هيا، جنهن جي ڪري افعان وار ۽ فوجي امداد وٺڻ ۽ نڀائڻ جي لاءِ هنن ته ضرب عضب جهڙي مهم هلائي، سڀ افغاني، دهشتگرد، شدت پسند ڀڄي پٽ ڪري ويا، پوءِ وري ڪيڏانهن اڀري آيا؟ اهي کٽڻا، ختم ٿيڻا ئي ناهن ته پوءِ اهڙي ”آن گوئنگ“ جنگ به کٽڻي ناهي ۽ اسان جي جان ڇٽڻي ئي ناهي.

اها ڳالھه  به ذهن نشين هجڻ گهرجي ته کڻي افغان وار جي ڪري جيڪي به دربدر افغاني پاڪستان نه به اچن، اهي بارڊر تي لائين هڻي ويهن، انهن کي جرمني کڻي پرمننٽ ويزا به آفر ڪري اهي جرمني ۾ ڪجھه به نه ڪندا. ڇو ته جيڪي افغاني پاڪستان ۾ ايندا اهي دهشتگرد، شدت پسند، امن جا ويري، مغرب کان نفرت ڪندڙ ۽ خودڪش بمبار به هوندا، پر جيڪي مغرب ويندا، جن کي جرمني ويزائون آفر ڪندو، جييڪي اتان ٻين ملڪن ۾ ٽپي، ڀڄي ۽ جان بچائي ويندا اهي دهشتگرد نه هوندا پر مري اهي ويا جيڪي پاڪستان ٽپي آيا، اها ڳڻتي رڳو عام ماڻهن ۾ ناهي پر سڃاڻ ڌريون، عسڪري ۽ اسٽيبلشمينٽ جا علمبردار به ننڊون ڦٽائن ٿا ته آخر ٿيڻو ڇاهي؟ ڇو ته صوتحال ايتري ته بگڙبي، خراب ٿيندي، ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندي جو گري لسٽ وسري ويندي، گهرو ويڙھ جا سانباها ٿيڻ لڳندا، جيڪي وري سنڀالڻ مشڪل ٿي پوندو، ان ڪري سکڻن نعرن ۽ سياسي بيانن مان ڪجھه ورڻو ناهي. سکڻو اهو چوڻ ته ”20 سالن ۾ آمريڪا ڪجهھ نه ڪيو“ به هڪڙي چال آهي، هاڻي هنن جي جنگ ٻيا وڙهندا، هنن کي آمريڪين جا هٿيار کپندا، هنن جي ڳالھه  زور وٺندي، سي آءِ اي کٽي ويندي، هڪ تير سان گڏ ٻه شڪار ڪندا، اها ڳالھه  مڃون ٿا وري، چين، مليشيا، ترڪي ۽ ايران جو بلاڪ ٺهي چڪو آهي پر ڳالھه  اها آهي ته پاڪستان ۾ هي جواز پيدا ڪندا، ويٽو ملڪ ان ڳالھه  جي حق ۾ ووٽ ڪندا ته پاڪستان ۽ افعانستان هاڻي دهشتگردن جي پشت پناهي ڪرڻ وارا آهن، اهي ملڪ پهرين کان ئي گري لسٽ ۾ آهن، اهي ملڪ پنهنجي عوام جو خيال نه ٿا رکي سگهن، اهي جنگ جي حالت ۾ آهن، اهي سول وار جي حالت ۾ آهن، انهن ملڪن ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي، برايون آهن اهي ملڪ پنهنجي عوام جو تحفظ نه ٿا ڪري سگهن، اهي ملڪ بدنام ٿي ويا آهن، يورپ، آمريڪا، آسٽريليا، غير مسلم ملڪ ۽ سيهوني طاقتون انهن ۽ اهڙن ملڪن تي اعتبار نه ٿيون ڪري سگهن، پوءِ اهڙي ”ويٽو پاور“ جي اسٽيٽمينٽ کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ لانگ اسٽريٽجي ته آهي انهن يورپي ملڪن جي، ايمانداري سان ڏسجي ته 30 سال پهرين اسان جي ملڪ جي معاشي، سماجي ۽ صنعتي سيٽ اپ ۾ حيثيت ڪهڙي ۽ ڇا هئي ۽ هاڻي ڇاهي؟ سلولي گريجوئلي شيون وڃن ٿيون خراب ٿينديون، وڃن ٿيون بگڙنديون، وڃن ٿيون ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرنديون، هاڻي ته وس کان به ٻاهر آهن، اسان ڀلي فرانس کان نفرت به ڪندا هجون، اهي به اسان کان نفرت ڪندا هجن پر اسان جي گري لسٽ آهي ئي اهڙن ملڪن هٿ ۾، اسان جي چڱائي، ڀلائي، برائي ۽ امداد جا مالڪ ۽ ڌڻي ته اهي ملڪ ئي آهن، پوءِ ٿيندو ڇا؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.