جيسينڊا آرڊرن جي قائداڻي صلاحيتن جي واکاڻ

جڳ مشھور شخصيت جيسينڊا آرڊرن ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جي وزارت اعظميٰ جي عهدي  ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آھي.ان اعلان دوران ھوءَڪافي جذباتي نظر آئي ۽ سندس آواز ڀرجي ويو ھو، هن وزير اعظم جي حيثيت ۾  ڇھن سالن دوران پيش آيل  چيلينجز ۽ ان جي سندس شخصيت تي پوندڙ اثرن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.

هوءَ ايندڙ  6 فيبروري کان اڳ ليبر پارٽي جي ليڊر واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندي ۽ پارٽي ايندڙ ڏينهن ۾ سندس متبادل جو تعين ڪرڻ لاءِ ووٽ ڪرائيندي.نيوزيلينڊ ۾ هلندڙ سال 14 آڪٽوبر تي عام چونڊون ٿينديون. جيسينڊا جو چوڻ ھو ته ھوءَ  هن اونهاري جي موڪلن ۾ وقت ڪڍي پنهنجي مستقبل بابت سوچيندي.هن ميڊيا  سان ڳالھائيندي چيو تھ کيس اھا اميد ھئي تھ  ڪو اهڙو رستو نڪرندو جنھن سان ھن کي حوصلو ملندو ۽ پنهنجو ڪم جاري رکندي پر بدقسمتي سان ائين نه ٿيو.

ياد رهي ته جڏهن جيسنيڊا آرڊرن 2017 ۾ جڏھن اھو منصب سنڀاليو ھو تھ سندس ڄمار 37 سال ھئي.ان لحاظ سان هن دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر جي عورت حڪمران جو اعزاز ماڻيو ھو.وزير اعظم ٿيڻ جي هڪ سال بعد ھن وزيراعظم ھوندي پنھجي ٻار کي جنم ڏئي ڪري دنيا جي ٻي وزيراعظم جو رڪارڊ جوڙيو ھو، دنيا جي پھرين محترمھ  وزيراعظم بينظير ڀٽو ھئي جنھن ان عھدي تي ھوندي ٻار کي جنم ڏنو ھو.

هن بھترين نموني نيوزي لينڊ جي قيادت ڪئي آهي،  وڏن واقعن جهڙوڪ ڪورونا جي وبا، پانڊيمڪ ،معاشي ابتري، ڪرائسٽ چرچ جي مسجد ۾ فائرنگ ۽ وائيٽ آئلينڊ آتش فشاني ڦاٽڻ جھڙن واقعن کي غيرمعمولي طور منھن ڏنو ھو.جنھن سان سڄي دنيا ھن جي صلاحيتن جي معترف ٿي وئي ھئي.هن چيو ته امن جي وقت ملڪ جي اڳواڻي ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي، بحرانن ۾ ملڪ جي اڳواڻي ڪرڻ اڃان پڻ ٻي ڳالهه آهي.

جيسينڊا آرڊرن چيو ته هوءَ  انڪري استعيفيٰ نه ڏئي رهي آهي ڇو ته ليبر پارٽي اليڪشن نه کٽندي، پر ان کيس  يقين آهي ته ايئن ئي ٿيندو. جنھن جي لاءِ اسان کي جرئت ۽ طاقت جي ضرورت آهي.

آسٽريليا جي وزيراعظم،نيوزي لينڊ جي اڳواڻ جيسينڊا آرڊرن جي سندس ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو،ھن چيو تھ ھوءَ هڪ مضبوط، دانشور ۽ رحمدل اڳواڻ آھي ، ٽوئيٽر تي پنهننجي پيغام ۾ هن لکيو ته جيسنڊا هڪ بي خوف اڳواڻ رهي آهي جنهن دنيا ۾ نيوزيلينڊ کي ھڪ مقام ڏياريو،نھ رڳو ايترو پر ھوءَ بيشمار ماڻهن لاءِ رول ماڊل ۽ منهنجي لاءِ بهترين دوست آهي.

جيسينڊا، موسمياتي خرابي کي منھن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن،رھائش جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ٻارن جي غربت گهٽائڻ ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي انھن کي اھم قرار ڏنو ۽ چيو تھ کيس انھن ڪمن تي فخر آهي.هن اميد ظاهرڪئي تھ نيوزيلينڊ جو عوام هميشه کيس هڪ شخص طور تي ياد رکندو، جيڪو هميشه ھن تي مھربان رھيو آھي.ھن 2020 جي چونڊن ۾ ليبر پارٽي کي وڏي ڪاميابي ڏياري ھئي پر بعد جي انگن اکرن موجب سندس  مقبوليت ڪجھھ وقت کان گهٽجي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.