ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان منسوب ريلوي اسٽيشن ڊاهڻ جو عمل شروع، احتجاج

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ثمرحيدر جتوئي پاران پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي تي ٺهيل سرڪاري ادارن کي ڊاهڻ سنڌي ماڻهن جي دل آزاري ڪرڻ آهي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جو هيروز آهي جنهن جي نالي تي ٺهيل ادارن سان هٿ چورانڊ برداشت نه ڪنداسين .

هن چيو 1974۾ قائم ڪيل باباءِ  سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ريلوي اسٽيشن ڊاهڻ ڪم تيزي سان جاري آهي . ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ريلوي اسٽيشن جي ڊاهڻ جو ڪم روڪيو وڃي ۽ ريلوي اسٽيشن کي اصلي حالت ۾ بحال ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هوته  وفاقي ۽ صوبائي حڪومت  جا ڪرپٽ عملدار سوچي وٺن جيڪڏهن باباءِ  سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اسٽيشن کي بحال نٿو ڪيو وڃي سندن آفيسن جو گهراءُ ڪنداسين.

هن چيو ته وقت جي سرڪار کي چتاءُ ٿو ڏيان ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اسٽيشن جي ڊاهڻ جو ڪم روڪي اسٽيشن کي اصلي حالت ۾ بحال ڪيو ٻئي صورت ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌگير احتجاج جو اعلان ڪندي ۽ سنڌ جا قومي شاهراهه به بند ڪنداسين سنڌ جا ماڻهو پنهنجي هيروز جي نالي ٿي ٺهيل ادارن سان هٿ چوراند برداشت نه ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.