گم ڪيل شهرين جو ڪيس فوري داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شهرين جي گم ٿيڻ جو فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت گم ڪيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جنهن به علائقي مان ڪو ماڻهو گم ٿئي ته فوري طور لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو وڃي.درخواست گذار جي وڪيل چيو ته شهري منظور گهر اچي ويو آهي، سندس گم ٿيڻ جو ڪيس به داخل ڪيو وڃي.عدالت اسٽيل ٽائون مان گم ٿيل شهري منظور جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.