ميهڙ واسين مينڊيٽ چورائڻ نه ڏنو،پي ٽي آءِ جو گرفتار اميدوار آزاد، جشن

ميهڙ (رپورٽر) ميهڙ جي انڊس هاءِ وي تي تحريڪ انصاف ۽ شهرين جي ٻن ڏينهن کان جاري ڌرڻي ۽ احتجاج رنگ لاتو، رٽرننگ آفيسر گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ جي نياز علي ٻرڙو سميت تحريڪ انصاف جي 8 ڪائونسلرن جي ڪاميابيءَ جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا.پي ٽي آءِ اميدوارن جا نتيجا جاري ٿيڻ بعد اڳوڻي سينيٽر صداقت جتوئي 36 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، سخت ٿڌ ۽ وسڪاري باوجود ڌرڻو هڻي ويٺل شهرين خوشيءَ وچان جهمريون هنيون آر او پاران ڪامياب قرار ڏنل پي ٽي آءِ جي ڪائونسلرن ۾ گرفتار ڪيل نياز ٻرڙو، رفيق مهيسر، الطاف شاهه، مسرور حيدر ٻرڙو، هوش محمد جانوري، اسماعيل بروهي، رضوان آڳرو ۽ روشن کوسو شامل آهن.ٻئي طرف تحريڪ انصاف ميونسپل ڪميٽي ميهڙ جي 14 وارڊن مان 8 وارڊن تي ڪاميابي ماڻي پنهنجو چيئرمين آڻڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي.هوڏانهن ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي چيئرمين اميدوار نياز ٻرڙو دادو جي عدالت مان ضمانت منظور ٿيڻ بعد آزاد ٿي ويو. نياز ٻرڙو کي آزادي بعد شاندار استقبال ڪري دادو کان ريلي جي صورت ۾ ميھڙ آندو ويو، مختلف ھنڌن تي شاندار استقبال ڪري بوسڪي جو پٽڪو پارايو ويو.نياز ٻرڙو جي استقبال لاءِ دادو کان نڪتل ريلي ۾ اڳوڻو سينيٽر صداقت جتوئي، اڳوڻو ضلعي ناظم ڪريم جتوئي، پي ٽي آءِ ضلعي دادو جو صدر عاشق زنئور، پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ عبدالستار چنو، شڪيل، عطار، عمران تيوڻو، شمشير وڪو سميت چونڊيل ميمبر، يوسي چيئرمين ۽ ڪائونسلر گڏ ھئا. ان موقعي تي نياز ٻرڙو ”عوامي آواز“ سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ميھڙ ۾ چونڊون کٽي ويا آھيون پر پ پ وارا زبردستي ڌانڌلي ڪري اسان جي ھڪ وارڊ تي نتيجا تبديل ڪيا، ميھڙ جي ماڻھن پ پ کي رد ڪري اسان کي مان ڏنو. ھن چيو ته پوليس ايم پي اي جي ڀاءُ جي چوڻ تي منھنجي گھر ۾ داخل ٿي ڦرلٽ ڪئي، جنھن خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪنداسين. ھن چيو ته ميھڙ جي ماڻھن جا احسان مند آھيون، جن پنھنجي ووٽ جو مينڊيٽ چورائڻ نه ڏنو ۽ اسان سان ھميشه گڏ بيٺا.جڏھن ته پي ٽي آءِ پاران چونڊ نتيجا جاري ٿيڻ، اميدوارن جي ڪاميابي ۽ نياز ٻرڙو جي آزادي تي جشن ملھايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.