ناڻي سيڪريٽري ۽ اسٽيٽ بئنڪ اختيارين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپٽوڪرنسي جي حوالي سان ايف آءِ اي سائبر ڪرائم کي نوٽيس جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ عدالت وفاقي ناڻي واري سيڪريٽري ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت ايس اي سي پي،ڊي جي ايف آءِ اي ۽ سائبر ڪرائم جي جاچ آفيسر فرحان علي کي 21 فيبروري جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو.عدالت ۾ وڪيل جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪرپٽوڪرنسي جي حوالي سان ڪو قانون موجود نه آهي.عدالت وقار ذڪاءُ ڪيس ۾ هدايتون جاري ڪري چڪي آهي، ايف آءِ اي جو نوٽيس ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.