پي ٽي آءِ -جماعت اسلامي رابطو،معاملا اڄ طئي ڪيا ويندا:علي زيدي;علي زيدي

ڪراچي (رپورٽر) ڪياماڙي ڊي آر او آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت علي زيدي کي 30 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته عدالت پوليس کي 28 جنوري تائين علي زيدي کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ بلال غفار، سعيد آفريدي ۽ ٻيا اڳواڻ اڳ ئي ضمانت  حاصل ڪري چڪا آهن. ساڳي عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوائڻ امجد آفريدي، عمران آفريدي ۽ دانش آفريدي کي رمانڊ پورو ٿيڻ کان پوءِ پيش ڪيو ويو.عدالت جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.عدالت ضمانت واري درخواست تي ڌرين کي 23 جنوري جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن چالان جلدي پيش نه ڪيو ويو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان جماعت اسلامي سان رابطي ۾ آهيون، نعيم الحق سان اڄ ڇنڇر تي ملاقات بعد معاملا طئي ڪيا ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.