ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي سبزين ۽ ميون جي اگهن جي فهرست پيش ڪئي وئي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دڪانن تي اوچتا دورا ڪري اگهن جي فهرست ڏسندس ۽ عوام کان ڄاڻ به وٺندس. هن سڀني ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن، دڪانن تي اگهن جي فهرست لڳائي وڃي. 03