نئين آدمشماري ۾سنڌ جا خدشا ختم ڪيا ويندا:احسن اقبال

ڄام شورو (ڊ ر ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته گذريل آدمشماري تي سنڌ کي اعتراض هو، 30 اپريل  تي نئين آدم شماري بابت فيصلو اچي ويندو، نئين آدمشماري ۾سنڌ جا خدشا ختم ڪيا ويندا، هڪ شخص پنهنجي ناڪامين جو بدلو ملڪ کان وٺي رهيو آهي، اليڪشن عمران خان کي سندس ضد تي نه ملندي.مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب بعد  صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته نواز شريف کي وزيراعظم واري عهدي تان هٽائي پاڪستان کي تباهي طرف ڌڪيو ويو، اسان چيو هو ته جڏهن توهان هڪ بيوقوف کي گاڏيءَ جي سواري ڏيندا ته اهو ان کي منزل تائين نه پهچائيندو پر گاڏي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو، اسان ملڪ جي معيشت کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ لازمي آهي ته سياسي استحڪام هجي. هن چيو ته اسان ايندي ئي سي پيڪ واري منصوبي لاءِ ڪم شروع ڪيو ته عمران خان صاحب ڌرڻن جو اعلان ڪيو، پوءِ ايڏي وڏي تباهي آئي ٻوڏ سان دنيا جي دل پگهرجي وئي پر عمران ڌرڻا جاري رکيا.هن چيو ته جنيوا ۾ 10 ارب ڊالر امداد جو اعلان ٿيو، عمران خان ڏٺو ته ملڪ جي معيشت بحال ٿيڻ لڳي آهي ته هن پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙائي ڇڏيون، ڇا عمران خان جي انا ۽ ضد ملڪ کان مٿانهون آهي. احسن اقبال چيو ته هڪ شخص پنهنجين ناڪامي جو بدلو ملڪ کان وٺي رهيو آهي، ڇا به ٿئي پر اليڪشن عمران خان کي سندس ضد تي نه ملندي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ته مان ئي سچو آهيان ۽ ٻيا سڀ چور ۽ ڦورو آهن ته پوءِ ڪا گنجائش باقي نه ٿي رهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن چونڊ ٿي ته اسان ڀرپور حصو وٺنداسين. وفاقي وزير چيو ته گذريل آدمشماري تي سنڌ کي اعتراض هئا، فيصلو ٿيو هو ته ايندڙ اليڪشن تي نئين آدم شماري ٿيندي، 30 اپريل  تي نئين آدم شماري بابت فيصلو اچي ويندو، نئين آدمشماري ۾ سنڌ جا خدشا ختم ڪيا ويندا.هن چيو ته اسان ملڪ ۾ استحڪام آڻينداسين ۽ ايندڙ چونڊ به ڪرائينداسين،نواز شريف جلد ڏيهه موٽندو ۽ ن ليگ جي چونڊ مهم کي هلائيندو.هن چيو ته جڏهن ڪا ٻيڙي طوفان ۾ گهيريل هجي ته ان کي منزل تائين رسائڻ لاءِ ان ۾ سوار هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي پر جڏھن ڪردار ادا ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙيا ويندا ته ٻيڙي ٻڏي ويندي،ان ڪري پاڪستان کي پولرائيزيشن جي نه پر يڪجهتي جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.