ڊالر ۾ چاڙهه، 229 رپين 67 پئسن تي پهتو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو به جاري رهيو. انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڊالر 52 پئسا مهانگو ٿي 229رپين 67 پئسن جو ٿي ويو آهي، گذريل ڏانهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 229 رپين 15 پئسن تي بند ٿيو هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 50 پئسا وڌيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊالر 240 رپين جو ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 239.50 رپيا هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.