عام چونڊن کان اڳ نواز شريف پاڪستان ايندو:گورنر پنجاب

لاهور (م ڊ) پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان مسلم ليگي اڳواڻ ميان غلام حسين شاهد جي رهائشگاهه تي پهتو جتي ايم اين اي ميان عبدالمنان، اڳوڻي وفاقي وزير طلال چوڌري ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته عام چونڊن کان اڳ مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف پاڪستان ايندو. هن چيو ته هڪ دفعو ٻيهر نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍنداسين. پنجاب جي گورنر چيو ته ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سندس اقتصادي ٽيم وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻيندي پاڪستان کي ڏيوالپڻي کان بچايو آهي.

پ پ مڪاني چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ مخصوص سيٽن لاءِ درخواستون گُهرائي ورتيون

سکر (ارپورٽر) پ پ سنڌ مڪاني چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ مخصوص سيٽن لاءِ درخواستون گُهرائي ورتيون آهن، اڄ 21 جنوري آخري تاريخ آهي. سيڪريٽري اطلاعات پ پ سکر چوڌري اظهر حسنين مطابق ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد پارٽي مخصوص سيٽن لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. يونين ڪميٽي، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي مخصوص سيٽن ليڊيز، اقليت، ليبر، يوٿ، جڏهن ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سکر ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ معذور، کدڙن فقيرن جي مخصوص سيٽن لاءِ درخواستون 19 جنوريءَ کان طلب ڪيون ويون آهن. درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ اڄ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.