ميرپورخاص لڳ گهران نڪتل نينگريءَ سان زيادتي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرواهه گورچاڻي جي رهواسڻ 16 ورهين جي ارم راجپوت ِ گهران ڪاوڙجي کاڻ واسي پنهنجي چاهيندڙ ڏانهن  وڃڻ لاءِ رڪشا ۾ ويٺي ته رڪشا ڊرائيور مبينا طور کيس دوکي سان ويران هنڌ ۾ وٺي وڃڻ بعد کيس مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻائي جرواري شاخ لڳ ڇڏي فرار ٿي ويو. سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي پوليس نينگريءَ کي وومين ٿاڻي جي پوليس جي حوالي ڪيو، جتي سندس فرياد تي رڪشا ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪري کيس ميڊيڪل چڪاس لاءِ سول اسپتال نيو ويو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل لغاري چيو ته ارم راجپوت موجب ھو گهران ناراض ٿي کاڻ جي رهواسي عامر راجپوت وٽ وڃڻ لاءِ ميرپورخاص جرواري شاخ تي لهي رڪشا ڪرايو ته رڪشا ڊرائيور کيس دوکي سان ويراني ۾ ھڪ گهر ۾ وٺي وڃڻ بعد سندس لڄالٽ ڪئي ۽ فجر مهل واپس جرواري شاخ تي ڇڏي فرار ٿي ويو. هن چيو ته رڪشا ڊرائيور جي سڃاڻپ ٿي وئي آھي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.