پوليس اهلڪارن جي مقرري ڪيس ۾آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  پوليس اهلڪارن جي مقرري واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ سميت ٻين کي 31 جنوري جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.درخواست گذارن پنهنجي موقف ۾ چيو ته 3 سالن کان ميرٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪرمنل رڪارڊ جو الزام لڳائي نوڪري کان ڪڍيو ويو،گهريلو جهيڙي ۾ ڪيس داخل هو، عدالت ان مان آجو ڪري ڇڏيو هو، هاءِ ڪورٽ اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو، ان جي باوجود نوڪري تي بحال نه ڪيو ويو.عدالت آءِ جي سنڌ سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري چيو ته ٻڌايو وڃي عدالتي فيصلي تي عملدرآمد  ڇو نه ڪيو ويو آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.