ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، 8 ڄڻا زخمي

ڪوئٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي بولان واري علائقي بنير ۾ ريلوي لائين تي ڌماڪي سبب ٽرين جون بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب سبي، بنير جي علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر بولان آغا سميع الله موجب ڪوئٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن سبب انجڻ سميت اٺ بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. ڊپٽي ڪمشنر بولان موجب شروعاتي ڄاڻ مطابق 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جابلو علائقي هجڻ سبب ريسڪيو ٽيمن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز ۽ ريسڪيون ٽيمون واقعي واري هنڌ روانيون ٿي ويون آهن. ريلوي اختيارين موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽرين جي پٽڙي تان لهڻ کان پوءِ مڇ، سبي ريلوي ٽريڪ تي ٽرينن جي آمد رفت معطل ٿي وئي آهي. ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جعفر ايڪسپريس کي دهشتگردي جو نشانو بنائڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي مسافرن جي زخمي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن ڊپٽي ڪمشنر ڪڇ ۽ سبي کي فوري طور تي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ ۽ زخمين کي اسپتالن ۾ علاج جون بهترين سهوليتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.