تاريخدان ۽ محقق گل حسن ڪلمتي کي جگر جي تڪليف، پيوندڪاري ٿيندي

ملير(رپورٽ:جميل چانڊيو) سنڌ جي ناليواري اديب، تاريخدان  ۽ محقق گل حسن ڪلمتي جي بيماري بابت عوامي آواز ۾ خبر شايع ٿيڻ بعد سنڌ سرڪار پاران سرڪاري سطح تي علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير ليٽر جاري ڪندي گل حسن ڪلمتي جو علاج شروع ڪرائڻ لاءِ تحرڪ ورتو ان سلسلي ۾ ملير مان چونڊيل ايم پي اي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو جي ڪوششن سان گل حسن جو سرڪاري سطح تي علاج لاءِ پڻ تحريري طور تي گذريل ڏينهن ليٽر جاري ڪيو ويو آهي سنڌ حڪومت جي احڪامات بعد ڊائو ميڊيڪل اسپتال پاران گل حسن کي گهر پنهنجي گڏاپ مان اسپتال پڻ منتقل ڪيو آهي جتي ابتداعي طور تي گل حسن جو طبي چڪاس ٿي آهي ان سلسلي ۾ گل حسن ڪلمتي جي ڀائيٽي اياز حميد بلوچ عوامي آواز کي ٻڌايو ته گل حسن ڪلمتي جيڪو جگر جي مرض ۾ مبتلا آهي تنهن جو علاج سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڊائو اسپتال ۾ جاري آهي بنيادي طور تي ڊاڪٽرن جي رپورٽن ۽ چڪاس بعد ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته گل حسن ڪلمتي جي جگر جو ٽرانسپلانٽ ٿيندو جنهن بعد هو مڪمل طور تي صحتيات ٿي ويندو هوڏانهن گل حسن ڪلمتي جي دوستن، مٽن مائٽن ۽ عزيزن پاران سندن صحتيابي لاءِ خصوصي دعا جون اپيل پڻ ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.