پ پ ڪراچي کي لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد کي دادو بڻائڻ چاهي ٿي: وسيم اختر

ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر چيو آهي ته پ پ ڪراچي کي لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد کي دادو بڻائڻ چاهي ٿي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام مڪاني چونڊون رد ڪري ڇڏيون، اسان تڪ بندين خلاف اليڪشن ڪميشن وياسين پر سنڌ حڪومت وٽ وڃڻ جو چيو ويو، بهرحال چيف سيڪريٽري مڃي ورتو هو ته تڪ بندين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت تڪ بنديون پنهنجي ڪاميابي لاءِ ٺاهيون، جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿين ها ته پ پ کي 20 کان 25 سيٽون ملن ها، اهي غلط تڪبنديون ڪري ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.