نواز شريف جو جنرل (ر) باجوا سميت ڪنهن کي معاف ڪرڻ کان انڪار

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  لنڊن ۾ نواز شريف جي ڏنل بيان ته ملڪ کي تباهي ڪنڌيءَ ڪنهن پهچايو آهي، ان بابت گجرانوالا جلسي ۾ عوام کي  آگاهه ڪيو هو.

هاڻي به انهن ڪردارن بابت عوام کي آگاهه ڪيو ويندو ان کانپوءِ  جنرل (ر)  قمر جاويد باجوه  سرگرم ٿي ويو آهي ۽  پنهنجن ويجهن دوستن ۽ مائٽن ذريعي  نواز شريف کي پيغام اماڻي رهيو آهي ته کيس نه گهليو وڃي ڇو ته عمران پراجيڪٽ جو فيصلو سندس اڪيلي  جو نه هو. جنهن جي هو ڪافي ڀيرا مختلف صحافين سان ڳالهائيندي وضاحت ڪري چڪو آهي، ته عمران پراجيڪٽ متعارف ڪرائڻ اداري جو فيصلو هو.

سندس ئي ڪوششن سان اداري فيبروري 2021ع ۾ ان پراجيڪٽ تان هٿ کڻڻ ۽ غيرجابندار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته جنرل (ر) باجوه  ملڪ جي طاقتور شخصيت سان پڻ ملاقات ڪري کيس گذارش ڪئي آهي ته نواز شريف کي سمجهايو ته رٽائرڊ ٿي چڪو آهيان هاڻي مون کي  آرام ڪرڻ ڏنو وڃي، سياست ۾ نه گهليو وڃي.

نامياري صحافي موجب جنرل (ر)  قمر جاويد باجوه کي ڄاڻ آهي ته جنرل (ر) مشرف کي نواز شريف معاف نه ڪيو هو، ان ڪري شايد جنرل (ر) باجوه کي به نواز شريف مان خوف آهي.

ان ڪري نواز شريف کي معذرت جا پيغام اماڻي رهيو آهي. ڏسجي ته نواز شريف کيس معاف ڪري ٿو يا نه ٿو ڪري نظر اهو ٿو اچي ته نواز شريف ڪنهن کي به معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

نوٽ: امداد سومرو جوهي تجزيو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 23-01-21 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.