عمران ٽي ٽي پي تي هلڪو هٿ رکيو، وزيراعظم ٿيس ته گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس: بلاول

ڊيووس (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن پ پ چونڊون کٽي ٿي ته وزيراعظم طور گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ چيو آهي ته وزيراعظم بڻجڻ وارو معاملو اليڪشن ۾ ڪاميابي تي ٻڌل هوندو ۽ هو ڪوشش ڪندو ته وزيراعظم بڻجي حڪومت ٺاهي. آمريڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي، اسان وزيراعظم شهباز شريف سان صدر بائيڊن جي وڌيڪ رابطن جي اميد رکون ٿا.هن چيو ته افغانستان هڪ حقيقت آهي، اسان کي عبوري افغان  حڪومت سان اڳ کان وڌيڪ رابطا رکڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي چئلينج تي فوجي ۽ سياسي قيادت واضح موقف رکي ٿي، افسوس ته عمران خان جي حڪومت ٽي ٽي پي تي هلڪو هٿ رکيو، عمران خان نه رڳو ٽي ٽي پي وارن کي آزاد ڪيو پر انهن سان ڳالهيون به ڪيون، ان معاملي تي اسان واضح آهيون، ڪنهن به دهشتگرد تنظيم سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجي سر دهشتگردي جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، ٻئي ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهن، ٻنهي کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.