پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي مقرر ٿيڻ جا امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پنجاب ۾ نگران  وڏي وزير جي نالي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر   ڪنهن به هڪ نالي تي متفق نه ٿي سگهيون آهن.

نامياري صحافي موجب نويد چيمه، احد چيمه  ۽ سکيرا جا نالا قانوني رڪاوٽن سبب رد ٿي ويا آهن. جنهن کانپوءِ ائين لڳي ٿو ته چينل 24 جو ميڊيا مالڪ محسن رضا نقوي جانگران وڏي وزير ٿيڻ  جا امڪان وڌي ويا آهن.

اهو نالو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڏنو ۽ خاموش ٿي ويهي رهيو ڇو ته محسن رضا نقوي تي آصف  زرداريءَ جو ايترو ئي اعتماد آهي جيترو  هن جو بلاول ڀٽو زرداري تي آهي.

جيڪڏهن محسن نقوي نگران وڏو وزير مقرر ٿي ويو ته ان چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته آصف علي زرداري خاموشيءَ سان  عمران خان کان پنجاب کسي ورتو جنهن جا تمام گهڻا امڪان آهن، ڇو ته ن ليگ به محسن نقوي  تي اعتراض نه ڪندي.

نوٽ: گوهر بٽ جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 23-01-21 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.