ٿر جا آر او پلانٽ اي ٽي ايم بڻيل، 40 ڪروڙ جو چونو لڳائيندڙ ڪمپني کي ٻيهر ٺيڪو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)سنڌ حڪومت ٿر جا 623 آر او پلانٽ هلائڻ ۾ناڪام ٿيڻ بعد 40 ڪروڙن کي چونو لڳائيندڙ اوسلو ڪمپني کي سفارش عيوض ٻيهر ٺيڪو ڏئي ڏيڊ ارب جي فنڊ کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو.

رپورٽ موجب سنڌ حڪومت ٿر جا 623 آر او پلانٽ هڪ سال جي عرصي دوران هلائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيل اوسلو ڪمپني کي ٻيهر سفارش عيوض ٺيڪي ۾ واڌ ڪندي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن  موجب سنڌ حڪومت اوسلو ڪمپني سان ٿر جا 623 آر او پلانٽ هلائي ڏيکارڻ لاءِ ٻن ارب رپين جي بجيٽ عيوض معاهدو ڪيو هو،معاهدي بعد بپلڪ هيلٿ کاتي پاران شروعات ۾ اوسلو ڪمپني کي 40 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا هئا پر اوسلو ڪمپني 40 ڪروڙ ملڻ باوجود هڪ سال دوران هڪ به آر او پلانٽ هلائي نه سگهي.

پلانٽ هلائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿيل اوسلو ڪمپني کي بعد ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي وڌيڪ بجيٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪانٽريڪٽ ختم ڪري ڇڏيو هو پر تازو سنڌ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر وڏي سفارش عيوض ساڳئي اوسلو ڪمپني کي ٺيڪو ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته آر او پلانٽ منصوبي جي نالي تي رهيل ڏيڊ ارب ٺڪاڻي لڳائڻ جو منصوبو تيار ٿي چڪو آهي، جيڪو ٺيڪو ڏيڻ بعد رهيل ڏيڊ ارب رپيا ڪمپني کي جاري ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.

ٿر واسين حڪومت جي اهڙي فيصلي ۽ پلانٽ هلائڻ ۾ ناڪام ٿيل ڪمپني کي ٻيهر ٺيڪو ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪندي عدالت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

رهواسين موجب حڪومت اسان کي اُڃ ماري پاڻ بجيٽون هڙپ ڪرڻ ۾ رُڌل آهي،عدالت کان سواءِ ڪير ٻُڌڻ وارو ناهي،چيف جسٽس سنڌ احمد علي شيخ مان اُميدون آهن ته  پاڻ مرادو نوٽيس وٺي آر او پلانٽ منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ملوث ڪامورن  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

5 ڪروڙ جاري ٿيڻ باوجود ملازمن کي ٽن مهينن جون پگهارون

حڪومت اوسلو ڪمپني کي ملازمن جون رهيل پگهارون ڏيڻ لاءِ 5 ڪروڙ جاري ڪري ڇڏيا،جنهن بعد ڪمپني آپريٽرن کي 29 مهينن جون مڪمل پگهارون ڏيڻ بدران صرف 3 مهينن جون پگهارون ڏئي خاموش رهڻ لاءِ چيو ويو ۽ في ملازم جي ماهوار پگهار مان 4500 ڪٽوتي ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب اوسلو ڪمپني آپريٽرن کي مقرر 17500 ماهوار پگهار ڏيڻ بدران صرف 13000 ڏئي باقي پگهار ٻي چڪر ڏيڻ جو آسرو ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته سنڌحڪومت پاران مزدورن جي ماهوار 25 هزار پگهار ڪرڻ واري فيصلي کي به ڪمپني نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.

آپريٽرن کي ڌمڪيون ڏيندڙ صفدر فاروقي ٻيهر انچارج مقرر

اوسلو ڪمپنيءَ آپريٽرن کي ڌمڪيون ڏيندڙ صفدر فاروقي کي ٻيهر انچارج مقرر ڪري ڇڏيو.ڄاڻايل عملدار آر او پلانٽ هلائڻ وقت پگهارن لاءِ شڪايتون ۽ دانهون ڪندڙ غريب ملازمن سان جهيڙا پُڻ ڪري چُڪو آهي.

عوام توڙي آر او پلانٽ هلائڻ جي ناڪامي بابت خبرون هلائيندڙ ٿر جي صحافين کي به بليڪ ميل قرار ڏئي چُڪو آهي. صفدر فاروقي کي ٻيهر انچارج مقرر ڪرڻ تي ملازم مايوس ۽ ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن.

اربين رپيا تجربن ۽ پنهنجا نوازڻ تي ضايع

11 ارب رپين جي لاڳت سان منظور ٿيل آر او پلانٽ منصوبي تي هيل تائين اربين رپيا تجربن ۽ پنهنجا نوازڻ تي ضايع ٿي چُڪا.

سنڌ حڪومت 2011ع ۾ ٿر اندر 750 آر او پلانٽ لڳائڻ جو اعلان ڪندي رقم جاري ڪئي هئي پر اُنهن 750 پلانٽن مان هيل تائين رُڳو 623 پلانٽ ڪاغذن ۾ لڳي سگهيا آهن ۽ باقي127 آر او پلانٽ مشينري سميت غائب آهن، جيڪي اڄ تائين ڪٿي لڳي ناهن سگهيا.

ميگامنصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن خلاف اڄ ڏينهن تائين مڪمل جاچ ناهي ٿي سگهي،ڪيترن ئي ادارن جاچ ڪندي ڪندي فائيل ئي بند ڪري ڇڏيا آهن،نيب به جاچ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.