اياز لطيف قومي عوامي تحريڪ جو نئون صدر چونڊجي ويو

حيدرآباد (پ ر)  حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي چونڊ ٿي جنھن ۾ سڄي سنڌ کان سنڌياڻي تحريڪ سميت ڪارڪنن مقابلو ڪندڙ اميدوارن کي ووٽ ڏنو. اليڪشن ۾ اياز لطيف پليجو نئون صدر چونڊجي ويو. جڏھن ته جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سينيئر نائب صدر روشن ڪنراڻي،نائب صدر ون فرحان لاڙڪ، نائب صدر ٽو ڪرڙ ريٻاري، سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ون ۽ ٽو لاءِ عباس پٺاڻ ۽ عنايت لاشاري،جوائنٽ سيڪريٽري تي خادم  سمون، فنانس سيڪريٽري شوڪت تنيو، رابطا سيڪريٽري لاءِ ڪاشف خاصخيلي، سوشل ميڊيا سيڪريٽري لاءِ جنيد عمراڻي آفيس سيڪريٽري لاءِ شوڪت سريوال ميڊيا سيڪريٽري لاءِ اشرف پليجو،تعليمي ۽ ثقافتي سيڪريٽري آزاد ميرواھي، ليگل ۽ هيومن رائيٽس تي منور جتوئي ڪامياب ٿي ويا. اھڙي ريت مرڪزي ڪميٽي لاءِ حيدرآباد مان نظير بليدي، آغا عباس ۽ معشوق چانڊيو، سانگھڙ ۾  محمود رخشاڻي ۽ حضوربخش ڏاھري، بدين ۾سانول گوپانگ، ابراهيم هڱورجو، ڪراچي مان ناھيد جوڳي، فياض اتيرو، نصرالله بلوچ، قيوم جوڳي،ٺٽي مان منور ڀٽو ۽ ياسر جاکرو، ٽنڊو محمد خان مان هاشم ڪنڀر، ٽنڊو الهيار مان نبي بخش لغاري، مٽياري مان ماجد خاصخيلي، ميرپورخاص مان ارباب نوحاڻي ۽ نثار ڀرگڙي، ٿرپارڪر مان محمد نهڙي ۽ موهن سوجاڻي،دادو مان منور برهماڻي سومار چانڊيو،قمبر مان عنايت تنيو ۽ ضمير مغيري،لاڙڪاڻو مان غلام شبير جتوئي ۽ جميل ميمڻ، گهوٽڪي مان تراب علي شر ۽ شريف گبول، نوابشاھ مان لال خان شر ۽ ميرمحمد منگي، ڄامشورو مان ذاڪر گرگيز، عمر ڪوٽ مان رحيم مھر ڪنڌڪوٽ ڪشمور مان فدا محمداڻي ۽ ربڏنو ملڪ، جيڪب آباد مان جبار سنڌي ۽ فريد جعفري، سکر مان گل فيروز، خيرپور مان غلام جعفر ڪٽوهڙ، حيدر سنڌي،شڪار پور مان زاھد ڀنڀرو، خان محمد ڏيئو سجاول مان اشرف ٻارڻ، پنھل سولنگي. چونڊجي ويا. سمورن عھديدارن کي حلف کڻايو ويو.

ڀارت ۾ماءُ معصوم ڌيءُ کي قتل ڪري لاش هلندڙ ٽرين مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ عورت عاشق سان گڏجي پنهنجي ٽن ورهين جي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش هلندڙ ريل تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.اهو افسوسناڪ واقعو ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر سري گنگا نگر ۾ پيش آيو، پوليس موجب عورت پنهنجي عاشق جي مدد سان ٽن ورهين جي ڌيءُ کي قتل ڪيو ۽ پوءِ لاش بيڊ شيٽ ۾ ويڙهي سري گنگا نگر ريلوي اسٽيشن کڻي ويا، جتان اهي ٽرين تي چڙهيا ۽ عورت ڌيءُ جي مڙهه کي هلندڙ ريل مان هيٺ ڦٽو ڪري ڇڏيو.جوابدارن جي سڃاڻپ سنيتا ۽ سني عرف مالتا جي نالن سان ٿي آهي، ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو.پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن جو ارادو لاش کي ڍنڍ ۾ اڇلائڻ جو هو پر اهو ريلوي لائن تي ڪِريو، جنهن کان پوءِ پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو.رپورٽ موجب سنيتا جا 5 ٻار آهن، هوءَ ٻن ڌيئرن ۽ پنهنجي عاشق سني سان گڏ شاستري نگر ۾ رهندي هئي، جڏهن ته ٻيا ٻار پيءَ سان رهندا آهن.

ميرپورخاص ۾ جهيڙو، پي پٽ سميت 3 ڄڻا زخمي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي سبزي منڊي ۾ نوجوان نويد رند کي اڳوڻن ساهرن طرفان مارڪٽ ڪرڻ تي رند برادري جي ماڻھن پلاند وٺڻ لاءِ حملو ڪيو، جنهن تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان  دوران فائرنگ ۽ ڪهاڙين جا پاها ۽ لٺيون لڳڻ سبب ملڪ اڪبر سندس پٽ ملڪ ارشاد ۽ واٽھڙو سميع الله زخمي ٿي پيا. پوليس شاهنواز، اميد علي ۽ محمد علي رندکي گرفتار ڪري ورتو.

حيسڪو جي 4 آفيسرن کي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي منظوري سان ترقي

حيدرآباد (اي پي پي) حيسڪو جي چئن آفيسرن کي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي منظوري سان ترقي ڏني وئي آهي، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ترقي حاصل ڪندڙ آفيسرن کي آرڊر ڏنا. حيسڪو ترجمان موجب بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري سان چئني آفيسرن کي ترقي ڏيڻ جا آرڊرز مينيجر ايڇ آر ناصر علي خان جي صحيح سان جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب ڊائريڪٽر ايڇ آر شفيق احمد ميمڻ کي ترقي ڏيندي ڊائريڪٽر جنرل ايڇ آر حيسڪو مقرر ڪيو ويو، چيف آپريٽنگ آفيسر سرفراز احمد خان کي ترقي ڏيندي جنرل مينيجر آپريشن، چيف ڪمرشل آفيسر نثار احمد ميمڻ کي ترقي ڏئي انهي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته محمد روشن اوٺو کي ترقي کانپوءِ چيف انجنيئر پلاننگ اينڊ انجنيئرنگ حيسڪو جي عهدي تي ڪم ڪرڻ جا آرڊر ڏنا ويا آهن. ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي حيسڪو چيف مظفر علي عباسي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هاڻي اوهان تي لازمي آهي ته حيسڪو جي ترقي لاءِ وڌيڪ محنت  ۽ ايمانداري سان ڪم ڪريو.

ڊاڪٽر شاهد مسعود جي 14 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نجي ٽي وي چئنل جي اينڪر ڊاڪٽر شاهد مسعود جي 14 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. جمعي ڏينهن چيف جسٽس عامر فاروق 20 هزار رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. ڊاڪٽر شاهد مسعود خلاف ڪراچي جي عدالت ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، ڊاڪٽر شاهد مسعود چيو ته سيشن جج ڪراچي جي عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائڻي آهي، ڪراچي پوليس طرفان گرفتاري جو خدشو آهي، لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.