دادو مان مبينا طور شادي شده ناري اغوا، امڙ عدالت پهتي

دادو (رپورٽ: عزيز احمد ملڪ )دادو شهر جي مرکپور پاڙي مان مبينا طور شادي شده ناري اغوا پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، ناري جي امڙ عدالت پهچي وئي، دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مرکپور پاڙي مان  شادي شده عورت ڪاجل ڌيءَ اسماعيل شيخ اغوا ٿي وئي آھي، جڏهن ته سندس امڙ نجمه شيخ بي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي جوابدار  اظهر پنهور ۽ ٻين هٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ پهتي ته بي سيڪشن پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ان بعد اغوا ٿي ويل عورت جي امڙ دادو جي عدالت پهچي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي ۽ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي ڌي ڪاجل شادي شده آھي کيس هڪ نياڻي جو اولاد آھي، جوابدار اظهر پنهور هٿياربندن سان گڏجي منهنجي نياڻي کي اغوا ڪري کڻي ويو آھي، بي سيڪشن پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري ، ڪيس داخل ڪري سندس ڌيءَ کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.