لاڙڪاڻي ۾ مفڪر ۽ عوامي تحريڪ جي سربراهه جي سالگرهه ، ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

لاڙڪاڻو(ڊ ر) عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ايشيا جي عظيم ڏاھي، مفڪر، سياستدان، قانوندان، مظلوم عوام جي اڳواڻ سنڌ  جي وڪيل عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي 93 ھين سالگرهه ملھائي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، ايڊووڪيٽ جاويد علي گوپانگ، ايڊووڪيٽ جي ڪمار، ايڊووڪيٽ غلام رسول گوپانگ، ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائينچو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نويد عباس ڪلھوڙو، سينيئر صحافي عبدالقادر جاگيراڻي، حفيظ منگي، رشيد سمون، ادريس بلوچ، نادر مائري ۽ ٻين شرڪت ڪري گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائينچو گيت ڳائي رسول بخش پليجو کي ڀيتا پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي دوستن جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي پريس ڪلب ۾ سنڌ جي عظيم ڏاهي ۽ قائد انقلاب رسول بخش پليجو جي سالگرهه ملهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هنن چيو ته دنيا ۾ صدين کان پوءِ عظيم انسان پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي قوم جا گهڻ گهرا ۽ اڳواڻ ٿي کين خطرن کان بچائيندا آهن ۽ انهن جي نسلن جي ذهنن جي آبياري ڪندا آهن. . رسول بخش پليجو به انهن عظيم شخصيتن مان هڪ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.