ميهڙ ۾ روشن تارا اسڪول وٽان نينگر اغوا، سولنگي برادري جو ڌرڻو

ميھڙ (ن ع آ) ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس لڳ روشن تارا اسڪول جي ڪالوني جي رھواسي اسماعيل سولنگي جو 12 سالن جو  پٽ مصور سولنگي کي روشن تارا اسڪول وٽان نامعلوم موٽرسائيڪل سوار کڻي فرار ٿي ويو نينگر جي اغوا ڪندڙ جا روشن تارا اسڪول مان سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ ھٿ ڪري پوليس حوالي ڪيا ويا آھن نينگر جي والد پيرسن پي موجب ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار منھنجي معصوم پٽ مصور سولنگي کي ڏٽا ڏئي ڀاءُ سان ملائڻ لاءِ کيس ورغلائي کڻي ويا آھن، ھن چيو ته اسان جي ڪنھن سان ڪا دشمني نه آھي اسان کي شڪ آھي ته نامعلوم جوابدار نينگر کي اغوا ڪري ويا آھن پوليس معصوم پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري، ھوڏانھن مبينا طور اغوا ڪيل 12 ورھين جو معصوم نينگر مصور سولنگي جي بازيابي لاءِ سولنگي برادري جو مدٽر سولنگي ، محمد علي سولنگي ، عبدالفتاح انقلابي، خادم سولنگي جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي اٽڪ پمپ وٽ ڌرڻو ھڻي ٽائرن کي باھيون ڏئي واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون، 3 ڪلاڪن بعد ميھڙ پوليس پھچي نينگر جي بازيابي لاءِ يقين ڌياني ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.