نصير آباد جو نوجوان صحافي زندگي جي جنگ هارائي ويو

نصيرآباد  ( ت ر  ) نوجوان صحافي ۽ (سنڌ ٽي وي نيوز) جو ڪيئمرامين سجاد ڪلھوڙو 27 سالن جِي عمر ۾ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سجاد ڪلھوڙو گذريل ٻن مهينن کان پتي جي پٿري سميت پيٽ جي مختلف  بيمارين ۾ مبتلا ھو، سجاد ڪلھوڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچيءَ جي ھڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو هو، جتي ڪوما ۾ ھليو ويو، جنھن بعد والدين جي مشوري سان ڊاڪٽرن سندس ميجر آپريشن ڪيو، جيڪو آپريشن به ڪامياب ٿي ويو، پر  سجاد ڪلھوڙو جي ساھ جي تند ٽٽي پيومٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، ٻئي پاسي تعلقي پريس ڪلب  پاران سجاد ڪلھوڙو جي وڇوڙي تي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.