بيلجيئم جي وفد جو ڪوٽڏيجي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

خيرپور/ ڪوٽڏيجي ( نمائندا)  بيلجيئم پاڪستان پارليمنٽري فرينڊز شپ گروپ جي چيئرپرسن سينيٽر مس ڪليسياء ڪيلس، پي ايس  اسٽيٽ سينيٽر فلپ ڪوارڊر، بيلجيئم چيمبر جي ميمبر پي ايس اولزليم اوزن، پاڪستان ۾ مقرر بيلجيئم جي سفير چارلس ڊيلونگ، فوڪل پرسن ڊپٽي ڊائريڪٽر (آءِ آر) نثار احمد تي ٻڌل هڪ نمائنده وفد خيرپور پهچي ڪوٽ ڊجي تعلقي جي برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ واٽر سپلائي اسڪيم جو دورو ڪيو، دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا آيل وفد کي خيرپور ۾ برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ رليف، صحت، ڊي واٽرنگ، بحالي سميت ٻين اپائن تي تفصيل سان بريفنگ ڏني. ان کان علاوه بيلجيئم جي نمائنده وفد جي ميمبر تعلقه اسپتال ڪوٽ ڊجي جو دورو ڪندي اسپتال ۾ موجود مريضن جي عيادت ڪئي ان موقعي تي پوليو جي خاتمي بابت جاري مهم جي سلسلي ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پڻ پيارا، جڏهن ته ڪوٽڏيجي قلعي جو پڻ دورو ڪندي تاريخي ماڳ ۾ خاص دلچسپي ظاهر ڪندي پاڪستان جي تاريخ، تهذيب ۽ ثفاقت تي ويچار ڪندي چيو ته هي هڪ شاهڪار ماڊل طرز تعمير جو نمونو آهي جيڪا پنهنجي اهميت ۽ افاديت رکڻ ۾ لاثاني آهي، بيلجيئم پاڪستان پارليمنٽري فرينڊز شپ گروپ جي چيئرپرسن سينيٽر مس ڪليسياء ڪيلس، پي ايس اسٽيٽ سينيٽر فلپ ڪوارڊر، بيلجيئم چيمبر جي ميمبر پي ايس اولزليم اوزن، پاڪستان ۾ مقرر بيلجيئم جي سفير چارلس ڊيلونگ، فوڪل پرسن ڊپٽي ڊائريڪٽر (آءِ آر) نثار احمد پاران سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه پاران ڪيل اپائن، رليف، صحت، بحالي، ڊي واٽرنگ واري ڪمن بابت خاص دلچسپي جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ظفر عباس عباسي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي، اسسٽنٽ ڪمشنر دريا خان چانڊيو آيل مهمان کي لاڳاپيل ڪمن بابت بريف ڪيو ان کان اڳ آيل وفد جي آڌرڀاءُ پڻ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.