خيرپور ڀرسان شرپسند پورهيت جي باغ مان وڻ وڍي ويا

خيرپور(ڊ ر) خيرپور شاھ حسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير منڱيو ۾ اڻ ڄاتل شر پسند ماڻھن پورهيت پريل ڳنڀير جي باغ مان لکين روپين جا  ڪيلا ۽ انبن جا قيمتي وڻ ڪٽي فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ متاثر محمد پريل ڳنڀير صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي نامعلوم شر پسند ماڻھون لکين رپين جا ڪيلا ۽ انبن جا قيمتي وڻ ڪٽي ويا آهن جنهن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ٿيل نقصان بابت شاھ حسين ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس ھينئر تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو، ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.